ريڊ لائن بي آر ٽي ۽ يلو لائن بي آر ٽي تي تعميراتي ڪم تيز ڪرڻ جون هدايتون

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اختيارين کي ريڊ لائن بي آر ٽي ۽ يلو لائن بي آر ٽي رٿائن تي تعميراتي ڪم تيز ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اھم اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال حڪيم دايو، ڪنسلٽنٽس، ڪانٽريڪٽرز ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي ۽ يلو لائن بي آر ٽي منصوبن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس جي موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ ريڊ لائن بي آر ٽي ۽ يلو لائن بي آر ٽي تي ڪم ۾ تيزي آڻڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ۽ چيو تھ جديد ترين ڊزائن تي ٻڌل بي آر ٽيز شھرين کي تمام گھڻو رليف فراھم ڪندا. ھن چيو تھ ڪم جي معيار تي ڪنھن بھ قسم جي سوديبازي برداشت نھ ڪئي ويندي، عوام کي سستي، سڻائي ۽ جديد سفري سھولتن جي جلد کان جلد فراھمي سنڌ سرڪار جو عزم آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪوشش ھجڻ گھرجي تھ ڊيڊ لائن کان اڳ ئي ٻنھي بي آر ٽيز تي ڪم مڪمل ٿي وڃي، تھ جيئن عوام لاڀ ماڻي، ٻنھي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان شھرين جي لاءِ سفر سڻائو ٿي ويندو ۽ لکين ماڻھن کي فائدو پھچندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.