پي ٽي آءِ ڌڙابندي،سموگ ۽ ٿڌ سبب موثر احتجاج نه ڪري سگهندي؟

اسلام آباد(جاويد چوڌري)پي ٽي آءِ 24 نومبر تي موثر احتجاج نه ڪري سگهندي،پارٽي ڌڙابندي جو شڪار آهي،فواد چوڌري جي بقول احتجاج جو سڀ کان موثر وقت 9 فيبروري هو،8 فيبروري جي تڪراري چونڊن کانپوءِ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جو موقعو وڃايو ويو،ان وقت عمران خان کي مس گائيڊ ڪيو ويو، کيس ٻڌايو ويو ته قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪنداسين،عدالتون اسان کي رليف ڏينديون،ذريعن موجب هن وقت احتجاج ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي،هن وقت احتجاج جي اڳواڻي عليمه خان يا بشريٰ بي بي مان ڪنهن هڪ ڪئي ته پوءِ ڪاميابي جا امڪان آهن،پارٽي جا ٻيا اڳواڻ  ڪارڪنن کي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت نٿا رکن،قيادت جو بحران آهي،ٻيو سبب سموگ جي صورتحال آهي،اسلام آباد،راولپنڊي ۾ هوا جو انڊيڪس تمام خراب آهي،پشاور،هريپور تائين ان جي لهر آهي،پورو پنجاب سموگ جي وڪڙ ۾ آهي،ٽيون سبب ٿڌ آهي،سياري ۾ احتجاج جو ڪو به علاج ناهي،ان لاءِ گرم ڪپڙا،ڪمبل وغيره گهربل هوندا، عمران خان جو خيال آهي ته چين، روس، ايران، ڪوريا ۾ سياري ۾ انقلاب آيو ان ڪري پاڪستان ۾ به سياري ۾ انقلاب ڪامياب ويندو پر کيس خبر ناهي ته پنجابي ڀائر سياري ۾ وضو ڪرڻ کان به نٽائيندا آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.