سڳيون ۾ ٻن مغوين جي بازيابي لاءِ شٽر بند ھڙتال، سوين ماڻهن جي ريلي، ڌرڻو

سڳيون ( ن ع آ ) سڳيون ۾ صحافي اتحاد خيرپور جي سڏ تي صحافي لالا اشفاق ڀاڳت جي ڀاءَ رحمان ڀاڳت  ۽ صحافي محڪم چنا جي پٽ زوھيب چنا جي بازيابي لاءِ سڳيون م مڪمل شٽر بند ھڙتال ٿي جنهن ۾ شهر جي سوين سياسي، سماجي ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي،  ريلي شاھي بازار سڳيون کان ٿيندي سڳيون هنڱورجا لنڪ روڊ تي پهتي جتي ڌرڻو ھنيو ويو جنهن ۾ صحافي اتحاد خيرپور جي اڳواڻن غلام حسين چانگ، جمال محمود کھڙو ،ميان اسد الله چنا، صوفي ياسين راڄپر، گلاب سيال ـ زوار امير علي لڪ، قومي شاعر لالڻ چنا، استاد احمد شاھ بخاري، قوم پرست اڳواڻ غلام قادر چنا سميت سياسي سماجي اڳواڻ شھرين دڪاندارن شھري اتحاد جي اڳواڻن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڀرپور نعري بازي ڪئي وئي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سڳيون جا 2 نوجوان رحمان ڀاڳت ۽ ذوھيب چنا شڪارپور مان اغوا ڪيا ويا آهن ڌاڙيل 80 لک ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن،  حڪومت کي گھرجي ته جلد ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت م ھزارين ماڻهن سان گڏجي شڪارپور قومي شاھراھه  تي ڌرڻو ھنيو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.