پاڪستان ۾ شگر جا 78 سيڪڙو مريض ذهني مسئلن جو شڪار آهن: ماهر

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان ۾ شگر جي 33 ڪروڙ کان وڌيڪ مريضن مان 78 سيڪڙو ذهني صحت جي مسئلن جو شڪار آهن. ان  ڳالهه جو انڪشاف شگر ۽ صحت جي ماهرن ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڊسڪورنگ ڊائبٽيز پروجيڪٽ پاران ڪرايل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو جنهن ۾ هنن انٽرنيشنل ڊائبٽيز فيڊريشن (IDF) جي تازي سروي جو حوالو ڏنو. پاڪستان اينڊوڪرين سوسائٽي جي نئين چونڊيل ميمبر ڊاڪٽر علي اصغر چيو آهي ته شگر هڪ عالمي صحت جو مسئلو آهي. هن چيو ته غيرصحتمنداڻي انداز واري زندگي، غيرصحتمند غذا، ورزش جي گهٽتائي ۽ ٿولهه جهڙا عنصر شگر جي شرح ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهيا آهن. سروي ۾ انڪشاف ٿيو ته 72 سيڪڙو ماڻهو شگر جي امڪاني پيچيدگين کان ڊڄن ٿا جڏهن ته 69 سيڪڙو ماڻهن کي ضروري دوائن ۽ سامان جي رسائي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.