ڪراچي(رپورٽر)آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ٻاهران هيومن رائيٽس ايڪٽوسٽ، ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن اڳواڻ ادريس خٽڪ جي آزادي ۽ کيس بيگناھ سزا ملڻ خلاف ادريس خٽڪ رهائي ڪميٽي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين طرفان هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ادريس خٽڪ جي آزادي لاءِ نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاجي مظاهرو ڪندڙ سينئر صحافي وارث رضا، ناصر آرائين، معين قريشي، ، عمر فاروق، شاهينا رمضان، خالد زدران ۽ ٻين چيو ته ترقي پسند اڳواڻ ادريس خٽڪ کي 2019 ۾ ادارن طرفان پشاور اسلام آباد ويندي کنڀيو ويو جنهن کي فوجي عدالت ۾ پيش ڪري کيس 14 سال جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن کي اڄ 5 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ادريس خٽڪ جو ڪيس سول ڪورٽ نٿو هلايو ٿو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ٿيل آهي پر هن وقت تائين ادريس خٽڪ جو ڪيس سول ڪورٽ ۾ نه ٿو هلايو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان ادريس خٽڪ کي آزاد ڪيو وڃي ۽ سندس جو ڪيس سول ڪورٽ ۾ هلايو وڃي.