ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير قيصر شيخ جي ملاقات ۾ مهاڻن جي مسئلن جي حل، سامونڊي آلاڻ تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪيٽي بندر کي نئون بندرگاهه بڻائڻ جي منصوبي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وڏي وزير جي سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ پورٽ قاسم جي چيئرمين ايئر ايڊمرل ناصر شاهه شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فش ٽرالرن تي بحث شروع ٿيو جيڪي مڇيءَ جي ٻج کي تباهه ڪري مڇي مارڻ جا وسيلا تباهه ڪري رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت ڄار بلو ۽ گجو جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي پر ٽرالرن کي ڪهڙي حڪومت لائسنس جاري ڪندي اهو اڃا تائين حل ناهي ٿيو. وڏي وزير ۽ وفاقي وزير وچ ۾ ٽرالرن جي مسئلي جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو جنهن ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزارت، سنڌ حڪومت ۽ بلوچستان جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ويندي. اجلاس ۾ نيڪال جو پاڻي بغير ٽريٽ جي سمنڊ ۾ ڇڏڻ واري معاملي تي به غور ويچار ڪيو ويو جنهن سان سمنڊ جي گدلاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت ويسٽ ڪراچي واٽر ريسائڪلنگ شروع ڪئي آهي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻڌايو ويو ته هن وقت ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم سامونڊي جهازن جي آمد و رفت کي سنڀالي رهيا آهن پر وڌندڙ ٽريفڪ کي نظر ۾ رکندي ڪيٽي بندر وانگر نئين بندرگاهه جي ضرورت وڌي رهي آهي ته جيئن ان بار کي گهٽائي سگهجي. ڪيٽي بندر نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي سان جڙيل هجڻ سبب سامان جي اندرين ترسيل کي آسان بڻائي ٿو. وڏي وزير چيو ته ڪيٽي بندر شروع ۾ پاڪستان-چين ڪوريڊور جو حصو هو پر نامعلوم سببن ڪري ان تي عمل نه ٿي سگهيو. وفاقي وزير اشارو ڏنو ته هو ان معاملي تي وزارت ۾ ڳالهائيندو ۽ بندرگاهه جي تعمير لاءِ پرائيويٽ پارٽنر ڳوليندو. اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ جلد هڪ ٻيو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.