ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت طرفان سنڌ ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کدڙن فقيرن جي تعليمي پاليسي جو مسودو منظور ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ “کدڙن فقيرن جي ايجوڪيشن پاليسي” جو مسودو منظور ڪيو ويو، سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي داخلا فارمن ۾ مرد ۽ عورتن سان گڏ ٽرانسجينڊر ٻارن لاءِ به خانو شامل ڪرڻ ۽ استادن جي ڀرتين دوران نوڪرين ۾ ڪوٽا مقرر ڪرڻ کي پاليسي جو حصو بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاليسي کي قانوني حيثيت ڏيڻ لاءِ ڪابينا کان منظوري وٺتي ويندي، اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته 2023 جي آدمشماري مطابق پاڪستان ۾ ٽرانس جينڊر جو تعداد 20,331 آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ 4,222 ٽرانس جينڊر ڪميونٽي سان واسطو رکن ٿا، تحقيق مطابق ڪميونٽي جي 42 سيڪڙو ماڻهن معمولي تعليم ۽ 40 سيڪڙو کي تعليم تائين پھچ بلڪل به حاصل نه آهي. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آھي ته ٽرانس جينڊر ٻارن لاءِ اسڪولن ۾ سپورٽ گروپ قائم ڪيا ويندا ته جيئن اهي سماجي دٻاءُ جو مقابلو ڪري سگهن، تعليم ذريعي ٽرانس جينڊر ماڻهن کي باعزت روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا.