جن خواجا آصف سان حرڪت ڪئي، انهن جي نصيب ۾ اهو ئي آهي: نواز شريف

لنڊن (م ڊ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ترقي جي رستي آهي. خواجا آصف سان بدتميزي واري واقعي واري تي هن چيو ته انهن ماڻهن کي ٻين جي پٺيان  لڳڻ جي ٽريننگ ۽ گرومنگ ڪئي وئي، جن اها حرڪت ڪئي انهن جي نصيب ۾ اهو ئي آهي. خواجا آصف مرد مجاهد آهي، کيس ڪاليج جي دور کان سڃاڻان ٿو.

  1. ” ياد رکو ته نادرا جو باني سربراهه به فوجي هو“:نادرا چيئرمين

اسلام آباد(م ڊ) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي چيئرمين جي صحافين سان سندس مقرري جي معاملي تي دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي، صحافي جي سخت سوالن جي جواب ۾ ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر رڳو ايترو چيو ته شايد توهان ياد نٿا ڪريو. نادرا جو باني سربراهه به فوجي هو. نادرا ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر پارليامينٽ کي لاجز ۾ صحافين گهيري ورتو. نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر کان هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا نادرا چيئرمين طور سندس مقرري غير قانوني هئي؟ چيئرمين نادرا صحافي کي جواب ڏنو ته هو لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪن، صحافي سوال ڪيو ته هو پڙهيل لکيل آهي، ڇا کيس غيرقانوني طور چيئرمين نادرا جو عهدو وٺڻ گهرجي ها؟ جنهن تي نادرا چيئرمين جواب ڏنو ته لاهور هاءِ  ڪورٽ وڃڻ گهرجي.صحافي چيو ته منيب چيما جي غير قانوني مقرري تي به سوال اٿاريا ويا آهن، چيئرمين نادرا چيو ته وڃي آڊيٽر جنرل کان پڇو. صحافي سوال ڪيو ته ڇا حاضر سروس جنرل کي ڪنهن سول اداري جو سربراهه بڻجڻ گهرجي ؟ اڳ ۾ ئي فوج تي تمام گهڻي تنقيد ٿي رهي آهي، چيئرمين نادرا چيو ته شايد توهان کي خبر ناهي، نادرا جو باني چيئرمين به آرمي آفيسر هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.