عمران خان 24 نومبر تي لانگ مارچ جو سڏ ڏئي ڇڏيو، هن ڀيري پوئتي نه هٽنداسين: گنڊاپور

راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليما خان ڪئي آهي ته عمران خان 24 نومبر تي احتجاج جو فائنل سڏ ڏئي ڇڏيو آهي، اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو، قوم کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ کي ڪرڻو آهي ته هو آزادي ۾ رهڻ چاهي ٿي يا نه؟ ٻي پاسي عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته عمران خان چيو آهي ته احتجاج جو مرڪز 24 نومبر تي اسلام آباد هوندو، احتجاج سڄي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ڪيو ويندو، مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج ختم نه ٿيندو، سموري قيادت احتجاج ۾ نڪرندي، سموري پارٽي کي خبر آهي ته ڪنهن کي ڇا ڪرڻو آهي، علي امين گنڊاپور به قافلي سان ڪي پي مان نڪرندو، جڏهن ته احتجاج ختم ڪرڻ جو اختيار هڪ ڪميٽي کي هوندو.عمران خان اسلام آباد مارچ لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي پر هن ڪميٽي جا نالا ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ڇو ته پوءِ انهن جي گرفتار ٿيڻ جو خدشو آهي، هن چيو ته اسان مطالبو ٿا ڪريون ته 26هين ترميم واپس ورتي وڃي ۽ اسان جو مينڊيٽ واپس ڏنو وڃي، بغير ڪنهن ڪيس جي گرفتار ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي، ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته احتجاج جون تياريون مڪمل آهن، هن ڀيري پوئتي نه هٽنداسين جيستائين اسان جا مطالبا پورا نه ٿيندا، بئريسٽر سيف چيو آهي ته احتجاج جي نگراني علي امين گنڊاپور ڪندو، اهڙو شديد احتجاج ڪيو ويندو جو مريم نواز پاڪستان واپس نه اچڻ جو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.