استحصالي قوتون ۽ سندن ساٿاري

تحرير: ارباب رستماڻي

اسان جو سماج برائين جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي پوءِ اهي سماجي برايون منشيات جي صورت ۾ هجن يا ڪنهن به صورت ۾ هجن پر هن سماج ۾ اهي چند ئي اڱرين تي ڳڻڻ جيترا ترقي پسند سوچ جا حامل ماڻهو آهن جيڪي سماجي برائين خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهن انهن برائين خلاف ويڙهه وڙهي رهيا آهن ، پر برائين کان متاثر عام ماڻهو خوف منجهه مبتلا آهي، ۽ هو پاڻ انهن برائين خلاف نٿو وڙهي ۽ نه ئي ان کي ئي نقصان پهچائيندڙ برائين خلاف ويڙهه وڙهندڙن جو ساٿ ڏي ٿو.

آئون سموري سنڌ سميت چمبڙ جي به ڳالهه ڪندس هتي اهي مزدور جيڪي مزدوري ڪندا آهن،پنهنجي هٿن جي محنت سان شيون جوڙيندا آهن ڪپهه کي ڪپڙي ۾ تبديل ڪندا آهن، ڪمند کي کنڊ ۾ تبديل ڪندا آهن ، فصل کي اپائڻ وارا به کيت مزدور ۽ هاري آهن، پر انهن جي محنت کي هي مير، پير، جاگيردار، سرمائيدار، وڏيرا اٽي ۾ لوڻ جيتري به اهميت ناهن ڏيندا،۽ نه ئي انهن جي عزت ڪندا آهن، بس رڳو استحصال ڪندا آهن، انهن جي پگهر جي پورهيئي تي ڌاڙا هڻندا آهن، پڙهيل لکيل ترقي يافته ڪميونسٽ سماج ۾ هر انسان کي وڏي اهميت ڏني ويندي آهي، انهن جي عزت ڪئي ويندي آهي برابري جي بنياد تي انهن جي ٻارڙن کي مفت تعليم ڏني ويندي آهي، مفت صحت جي سهولت ڏني ويندي آهي ۽ اهو سماج انهن مزدورن هارين سان گڏ ٿي بيهندو آهي،

ضلعي ٽنڊوالهيار جي تعلقي چمبڙ جي جتي  ترقي پسند ۽ ڪميونسٽ سوچ رکندڙ ساٿي جيڪي هنن مزدورن، هارين سان ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿاريندا آهن، استحصالي قوتن کي وائکو ڪندا آهن ته انهن جي پٺيان هڪ "”لوڌ”” لڳائي ويندي آهي ۽ اها لوڌ استحصالي قوتن جي پاليل هوندي آهي، انهي لوڌ ۾تقريبن هر طبقي جا ماڻهو شامل هوندا آهن، ڪي رپورٽرن جي شڪل ۾ ته ڪي سماجي اڳواڻن جي شڪل ۾، پر انهن کي اها به خبر ناهي هوندي ته رپورٽر ۽ صحافي ڇا هوندو آهي ۽ سماجي اڳواڻ  جو ڪهڙو ڪم هوندو آهي، سنڌ ۾ کوڙ سارا حق سچ تي هلڻ وارا صحافي پيدا ٿيا آهن جن پنهنجو ڪنڌ ته ڪپائي ڇڏيو پر استحصالي مزدور، هاري دشمن قوتن جي سامهون ڪنڌ نه جهڪايو،جان محمد مهر، نصرالله گڏاڻي سميت ڪيترائي اهڙا صحافي صحافت جي ميدان ۾ لٿا جن ڪڏهن به عوامي حقن تي ڪمپرومائيز نه ڪيو، ۽ عوام به انهن کي اڃان تائين ياد ڪندي آهي.

آئون هاڻي چمبڙ جي ڳالهه ڪندس ته جڏهن به ڪميونسٽ سوچ رکندڙ ترقي پسندن سماجي برائين، هارين مزدورن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز بلند ڪيو آهي ته وڏي لوڌ انهن جي پويان ڪاهجي پئي آهي،  ۽ اها لوڌ استحصالي قوتن سان ٻٽ بڻيل آهي،انهيءَ لوڌ جو ڪم ترقي پسند سوچ رکندڙن تي الزام بازي ڪرڻ، ۽ انهن کي حق سچ جي رستي تان هٽائڻ هوندو آهي، ان لوڌ جو ڪو به ڪاروبار ناهي هوندو ،هو نه ته هاري هوندا آهن ۽ نه ئي وري مزدور، هو ڪو به پورهيو ناهن ڪندا، انهن جي نوڪري صرف اها هوندي آهي جيڪا مون مٿي بيان ڪئي آهي ، هو ترقي پسند سوچ رکندڙ حق سچ لکندڙن مٿان الزام بازي ڪري پروپگنڊا ڪري  استحصالي قوتن کان لکين روپيا وٺندا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.