آمريڪا جي تبديل ٿيندڙ سياست جو پاڪستان جي سياسي وايومنڊل تي ڪهڙو اثر پوندو؟ ٽرمپ جي ڪاميابي عمران خان جي آزادي لاءِ راهه هموار ڪري سگهندي؟ آخر عمران خان ڇا سوچي احتجاج جي ڪال ڏني آهي؟ علي امين عوام کان جيڪو واعدو ورتو ڇا عوام ان واعدي تي پورو لهندي مٿي تي ڪفن ٻڌي نڪرندو؟ ڪٿي آئيني بينچ عام چونڊن کي ڪالعدم ته نه ڪندي؟
عام طور تي اسان وٽ امريڪا بهادر کي پاڪستان جي هر پاليسي جو مالڪ ۽ خالق سمجهيو ويندو آهي سو امريڪي سياسي تبديلن جو اثر پاڪستان تي پوندو آهي. اسان وٽ عام تاثر اهو آهي جو جنهن کي امريڪا چاهي اهو ملڪ جو وزيراعظم ٿي سگهي ٿو جنهن کي امريڪا چاهي ان کي گهر به موڪلي سگهي ٿو.مطلب جنهن کي امريڪا چاهي تخت تي آڻي جنهن کي امريڪا چاهي تختي تي آڻي بيهاري ڇڏي.
آمريڪا جي هاڻوڪي چونڊ پنهنجي پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ اقتدار جي ڪرسي ٽرمپ جي حصي ۾ آئي.ٽرمپ لاءِ اهو مشهور آهي ته ٽرمپ تحريڪ انصاف جي باني جو گهاٽو يار آهي ٽرمپ پاڪستانين ڄاون امريڪن جا ووٽ به عمران خان جي ڪري حاصل ڪيا. برحال ٽرمپ جي ڪاميابي جو عمران خان جي سياست يا آزادي تي ڪهڙو اثر پوندو اهو ته بعد جو مسئلو آهي ڇو ته ٽرمپ اڃا تائين صدارتي ڪرسي تي ناهي ويٺو۔ ان کان اڳ عمران خان نومبر جي آخري هفتي ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔ سياست ۾ فيصلا وقت سان سٺا لڳندا آهن سو منهنجي نظر ۾ عمران خان جيڪڏهن ٽرمپ جي آسري تي احتجاج جو سڏ ڏنو ته اهو سڏ هاڻي بيڪار آهي باقي جيڪڏهن خان صاحب آهستي آهستي ماحول گرم ڪرڻ چاهي ٿو ته پوءِ ٺيڪ آهي جئين ٽرمپ قسم کڻندو ايستائين خان صاحب پاڪستان جو سياسي ميدان گرم ڪري ڇڏيندو.
ڪجهھ وقت کان وٺي علي امين گنڊاپور جنهن قسم جون ڳالهيون ڪري پيو اهي سڀني ٻڌيون آهن علي امين نومبر مهيني کي عمران خان جي آزادي جو مهينو قرار ڏيندو رهيو۔ واقعي خان صاحب جا سپاهي 24 تاريخ تي گهران نڪرندا ۽ ايستائين واپس نه ورندا جستائين عمران خان آزاد نه ٿيندو؟ علي امين جي خواهش پوري ٿي جو خان صاحب مارچ جو اعلان ڪري ڏيو۔ هاڻي ڪي پي ڪي جي عوام کان سواءِ پنجاب جا ماڻهو گهربل تعداد ۾ نڪري سگهندا يا نه اهو ڏسڻو آهي۔ باقي صوابي ۾ علي امين ماڻهن کان جنهن انداز ۾ گهران نڪرڻ ۽ واپس نه ورڻ تي جنازا پڙهڻ جا واعدا پئي ورتا ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته تحريڪ انصاف کي پنهنجي ماڻهن تي اهو ڀروسو ناهي جيڪو هئڻ گهرجي ڇو ته تحريڪ انصاف جا اڳ ڪيل جلسا جلوس ۽ احتجاج به گهربل مقصد حاصل نه ڪري سگهيا جنهن جي پارٽي اميد ڪري پئي. ان جا ڀل ٻيا ڪهڙا سبب هجن پر هن وقت منهنجي نظر ۾ پي ٽي آءِ ۾ ڌڙابندي عروج تي آهي مختلف ڌڙا عمران خان جي آزادي کان وڌيڪ پاڻ وڻائڻ ۾ پورا آهن جنهن جو ذڪر عليمه خان به ڪري چڪي آهي ته "پارٽي اڳواڻن کي عمران خان جي آزادي جو فڪر ناهي”۔ هاڻي پارٽي جي ٽاپ ليڊرشپ کي جيڪڏهن خان صاحب جي آزادي جو فڪر ناهي ته اها خان جي سياسي بدقسمتي چئبي جو سندس يار غدار آهن پر مونکي به ائين لڳي ٿو جو تحريڪ انصاف جي هاڻوڪي ٽاپ جي ليڊرشپ صرف پنهنجا معاملا سڌا ڪرڻ، خبرن ۾ رهڻ، ٽي وي تي ويهڻ ۽ تقريرون ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهھ نه پئي ڪري.
ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته تحريڪ انصاف جو وجود خان صاحب جي نالي سان ٻڌل آهي جيڪڏهن خان صاحب کي تحريڪ انصاف کان ڪڍي ڇڏجي ته پارٽي جو وجود ئي ختم ٿي ويندو۔ تحريڪ انصاف جو ورڪر خان صاحب کان سواءِ ٻي کي پنهنجو ليڊر تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ورڪر اڄ جيڪڏهن ڪنهن اڳواڻ جي چوڻ تي گهرن کان نڪري ٿو ته ان جو مقصد خان صاحب جي رهائي سان مشروط آهي.
موسم جي تبديلي سان خان صاحب به سياسي موسم کي سخت پاري ۾ به پگهرائڻ پيو چاهي. هڪ طرف خان صاحب احتجاج جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ هڪ مخفي ڪاميٽي جوڙي آهي ٻئي پاسي کيس اهو به ڊپ آهي ته ڪٿي نالا ظاهر ڪرڻ سان انهن کي گرفتار نه ڪيو وڃي۔ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ان ڪاميٽي ۾ بيرسٽر گوهر، شبلي فراز، علي امين گنڊاپور اسد قيصر جهڙا ماڻهو شامل هجن ٿا يا عمر ايوب ۽ عرفان الله مروت جهڙن تي خان صاحب ڀروسو ڪري ٿو۔ ان لاء ڪجھ وقت انتظار ڪرڻو پوندو.
2013 جي چونڊن ۾ خان صاحب کي اقتدار ته نه مليو پر چئن تڪن جي کولڻ جي ڳالهھ ڪري سياسي ميدان ۾ خوب انٽري هنئي هئي جنهن ۾ تاريخي ڌرڻو شامل آهي. نيٺ چئن تڪن کان ڳالھه اڳتي کسڪندي وڃي پاناما ليڪ ۽ اغامي تي پهتي جتي سپريم ڪورٽ نوازشريف کي گهر ڀيڙو ڪيو هاڻي ته خان صاحب 2024 جي سڄي اليڪشن کي ري شيڊول جو ڪيس کڻي عدالت پهتو آهي. خان صاحب واري احتجاج جو هڪ نقطو اهو به آهي ته چوري ٿيل مينڊٽ واپس ڪيو وڃي۔ آئيني عدالت عام چونڊن کي ري شيڊول ڪرڻ لاءِ پهتل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي.
آمريڪا جي تبديل ٿيندڙ سياست جو پاڪستان جي سياسي وايومنڊل تي ڪهڙو اثر پوندو؟ ٽرمپ جي ڪاميابي عمران خان جي آزادي لاءِ راهه هموار ڪري سگهندي؟ آخر عمران خان ڇا سوچي احتجاج جي ڪال ڏني آهي؟ علي امين عوام کان جيڪو واعدو ورتو ڇا عوام ان واعدي تي پورو لهندي مٿي تي ڪفن ٻڌي نڪرندو؟ ڪٿي آئيني بينچ عام چونڊن کي ڪالعدم ته نه ڪندي؟