سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سگا سنڌ جي ھڪ سگهاري نان گورنمينٽ آرگنائيزيشن رهي آهي. ڊاڪٽر سليمان شيخ، مرحوم مظهر ميمڻ، ولي محمد روشن، عبدالرحيم سمون، علي حسن بروهي، اشرف کهاوڙ ۽ ٻيا ڪيترائي ڊاڪٽر، سول سروسز سان لاڳاپيل آفيسر، انجنيئر ۽ گريجوئيٽ، پنهنجي پنهنجي دور ۾ سگا جي پليٽ فارم تان قابل تعريف ۽ سگهارو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن.
سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ايسوسيئيشن جون شاخون به مقامي سطح تي قابل ذڪر خدمتون سرانجام ڏينديون رهيون ته ڪيترائي ساڃاهه وند انسان دوست، انفرادي طور تي به مثبت ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪندا رهيا. پر سگا کي منظم ڪرڻ، متحرڪ رکڻ ۽ سنڌ جي ستايل ۽ محروم ماڻهن کي تعليم ، صحت ۽ روزگار فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ مستقل مزاجي سان جيڪا محنت، سائين ڊاڪٽر سليمان شيخ، ولي محمد روشن ۽ علي حسن بروهي جي ٽيم ڪندي رهي آهي، ان کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي ، ڪاش زندگي مرحوم مظهر ميمڻ کي به ڪجھ مهلت ڏي ها !.
اسانجي سڙيل ۽ ساڙوڪ سماج ۾ فلاحي ۽ انسان دوست ڪم ڪرڻ، ڪو سولو ڪم نه آهي. گڏجي هلڻ، گڏائي هلڻ ڪنهن به امتحان کان گهٽ نه آهي. ان ڪري سگا ۾ به ڪڏهن ڪڏهن مختلف معمولي تنظيمي مسئلا به مختصر وقت جي لاءِ ايندا به رهيا ته خوش اسلوبي سان حل به ٿيندا رهيا .. ضياء الحق ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ هيءَ تنظيم حڪمرانن کي ” ڪنڊو ” لڳڻ لڳي. آزمائشون آيون، پر قيادت انهن آزمائشن کي به بهادري ۽ دور انديشي سان منهن ڏنو.
سوويت يونين کي منتشر ڪرڻ کان پوءِ سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سوشلسٽ سماج جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ سياسي ڪارڪنن ۽ بي روزگار نوجوانن کي متبادل طور تي مصروف رکڻ سان گڏ و گڏ روزگار ڏيئي ” سکيو ” رکڻ جي لاءِ وڏي پيماني تي، اين جي اوز جو ڄار وڇايو ويو ته جيئن سياسي جدوجهد جي ذريعي سياسي تبديلي جي لاءِ هلندڙ تحريڪن کي سماجي تنظيمن جي مدد سان ڪمزور ڪري سگهجي ۽ سماج ۾ سرگرم سياسي قوتن کي سماجي تنظيمن ۾ شامل ڪري، کين سياست کان الڳ ڪري سگهجي. ان ڪري جيئن ئي سنڌ ۾ به ان نسخي تي عمل ڪندي ڪيتريون ئي غير ملڪي فنڊيڊ اين جي اوز کي زندگي جي مختلف شعبن، فلاحي اسڪيمن، ترقياتي ڪمن، تربيتي پروگرامن ۽ روزگار فراهم ڪرڻ جي لاءِ ميدان ۾ لاٿو ويو ته سنڌ جي نوجوانن به سگا ۾ دلچسپي وٺڻ جي بدران انهن اين جي اوز ۾ وڃڻ کي ترجيح ڏني. اهو ئي سبب آهي جو هن وقت ڪيتريون ئي ملڪي ۽ غير ملڪي اين جي اوز نه صرف پنهنجي طور تي غير ملڪي ناڻي جي مدد سان گهڻو ڪجهھ ڪري رهيون آهن پر باقاعدہ حڪومت يا سرڪاري سهڪار سان سوين خاندانن ۽ هزارين نوجوانن کي مصروف رکي رهيا آهن.
سنڌ ۾، ملڪ ۾دنيا ۾ سياسي مزاحمتي جدوجهد ڪمزور هجڻ جو هڪ ڪارڻ اهي اين جي اوز به آهن ، جڏهن ته مختلف لساني، نسلي، مذهبي، مسلڪي بنيادن تي ٻڌل تنظيمون ۽ ويڙهاڪ پراڪسيز به ساڳي ئي مقصد جي لاءِ پيدا ڪيون ويون آهن.
. اوهان کي شايد يقين نه اچي ته سنڌ ۾ ڪجهھ، سڀئي نه پر ڪجهه اهڙيون به ڪاغذي اين جي اوز آهن جن کي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ ڪجھ هم وطن هر سال خاص طور تي رمضان شريف جي مهيني ۾ يا ڪنهن ٻوڏ جي صورت حال جي موقعي تي هزارين ڊالر يعني ڪروڙين روپيا، يتيمن، بيواهن، غريبن ۽ قدرتي آفت جي ستايلن جي مدد جي لاءِ موڪليا ويندا آهن، جيڪي وصول ڪندڙ خاندانن جي ” پنهنجي خوشحالي ۽ پر آسائش زندگي ” تي خرچ ڪيا ويندا آهن.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، انهن حالتن ۾ به نه صرف پنهنجو پاڻ کي تنظيمي لحاظ کان ڪاميابي سان جيئرو رکي رهي آهي پر تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ محدود ئي صحيح پر جيڪو مثبت، هاڪاري ۽ صحت مند ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ان جي لاءِ ِ ان جي قيادت جي مستقل مزاجي قابل تحسين آهي.
سنڌ جا اهي ڄاوا جيڪي آمريڪا، يورپ يا عرب ملڪن ۾ آباد آهن ۽ سي جيڪڏهن صرف دوستي ۽ ذاتي ۽ خانداني لاڳاپن جي بنياد تي ” خوش حال ۽ پرآسائش زندگي گذاريندڙ ۽ مفت ۾ سڄو سال گهر ويهي کائيندڙ ” خاندانن کي ڪروڙين روپيا موڪلڻ جي بدران سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن کي ڏيندا به رهن ته پڇا ڳاڇا ۽ سرپرستي به ڪندا رهن ته سچ پچ سگا، سنڌ ۾ روايتي اين جي اوز جي بدران وڌيڪ مثبت، سگهارو ۽ صحت مند سماجي ۽ سياسي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.