ڊونلڊ ٽرمپ جون دعوائون، اميدون ۽ زميني حقيقتون

تحرير: وشال امير

آمريڪي صدارتي چونڊن کان اڳ ڪيترن تجزيي نگارن ۽ سياسي جوتشين اڳڪٿيون پئي ڪيون؛ ڪن چيو پئي ته ڊونلڊ ٽرمپ چونڊون کٽيندو ته ڪن چيو پئي هارائيندو. ڪجھه عقيدن جي انڌن ته اها به پڪ ڏني ته هڪ سامونڊي گهوڙي جي ٻچي ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي ڇوته ان ڊونلڊ ٽرمپ جي نالي وارو گدرو کاڌو آهي، جڏهن ته سندس ماءُ وري ٽرمپ جي مخالف اميدوار جي نالي جو گدرو کاڌو هو. بهرحال ٽرمپ جي ڪاميابي لاءِ عقيدو رکندڙن جي عقيدي کي مضبوطي ملي وئي آهي جو آمريڪا جي سمورين 50 رياستن ۾ ٿيل پولنگ جي آيل نتيجن مطابق ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ماري ورتو آهي.

ڪجهھ تجزيي نگارن جو خيال آهي ته ڪملا هيرس جي چونڊن ۾ ڪاميابي نه ماڻي سگهڻ جو هڪ سبب نسلي فرق به آهي ڇوته سندس ماءُ انڊين ۽ پيءُ آفريڪي آهي جنهن سبب آمريڪي گورن کيس اهميت نه ڏني آهي، ٻئي طرف چيو پيو وڃي ته مسلمان ڌريون به مٿس ناراض هيون ته سندس اقتداري پارٽي فلسطين جنگ جي روڪٿام لاءِ اپاءَ نٿي ورتا، اهو سبب هيو جو مسلمان ڌرين به کيس رد ڪيو ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي ان ڏٽي کي عزت بخشي ته هُو پهرئين ڏينهن هلندڙ جنگين کي روڪڻ جو اعلان ڪندو ۽ جنگيون رڪجي وينديون.

هاڻي جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي ته فلوريڊا ۾ فاتحان تقرير ڪندي هن چيو ته اڄ اسان تاريخ جوڙي ورتي آهي، آمريڪا هاڻي نين بُلندين کي ڇُهندو. سندس چوڻ آهي ته ملڪ جا سمورا معاملا هاڻي ٺيڪ ڪيا ويندا، اهڙي فتح موجوده آمريڪين پهريان ڪڏهن نه ڏٺي هوندي، اهڙي سوڀ جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، آمريڪا کي محفوظ، مضبوط ۽ خوشحال بڻائيندس.ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا کي ٻيهر عظيم بڻائينداسين، هن جو چوڻ هيو ته سپورٽرن جو ٿورائتو آهيان، جن جي ووٽ کانسواءِ ڪاميابي ممڪن نه هئي، هن وڌيڪ چيو ته هُو ڪا به نئين جنگ شروع نه ڪندو پر جاري جنگون به ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو.

هاڻي ڏسڻو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ قدم رکڻ ۽ ديرو ڄمائڻ بعد واعدو نڀائڻ لاءِ ڪهڙا قدم اختيار ڪري ٿو؟! في الحال ته سندس ڪاميابي تي هڪ طرف اسرائيلي به خوش آهن ۽ اسرائيل ۾ ٽرمپ لاءِ مبارڪن جا بل بورڊ لڳي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا طرفان جاري ڪيل تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اسرائيلي تخت گاه تل ابيب ۽ يروشلم ۾ ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ مبارڪباد جا بل بورڊ لڳايا پيا وڃن، بل بورڊن تي ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪباد ڏيندي لکيو ويو آهي ته "اسرائيل کي عظيم بڻايو”.

ٻئي پاسي فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جو ردعمل به سامهون اچي ويو آهي. حماس اڳواڻ سمي ابوذوهري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٽرمپ کي ان جي بيانن جي حساب سان جانچيو ويندو، ڇو ته هن چيو هو ته هُو آمريڪي صدر طور غزا ۾ جاري جنگ کي ڪجھه ڪلاڪن ۾ روڪرائي ڇڏيندو.حماس پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر باسم نعيم چيو آهي ته صيهوني رياست جي انڌي حمايت عالمي طور ختم ٿيڻ گهرجي.

 

آمريڪي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي مان جتي ڪجهھ خواب اڻندڙن کي فلسطين جو مسئلو حل ٿيڻ جي اميد آهي، اتي پاڪستان ۾ تبديلي ڏسڻ جا خواهشمند جاڳ توڙي ننڊ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي تي جهڙوڪر خيالن ئي خيالن ۾ رقص ڪري رهيا آهن. اها حقيقت آهي ته موجوده حڪومت جي حامين کي خوف وڪوڙي ويو آهي ته عمران خان ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جو ياراڻو آهي تنهنڪري ٽرمپ آءِ ايم ايف کي هٿيار بڻائي عمران جي آزادي لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته يوٿين جو خيال آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي منصب جو قسم کڻي پهريون حڪم نامو اهو جاري ڪندو ته عمران خان کي اڊيالا جيل مان ڪڍي هڪدم وزيراعظم هائوس پهچايو وڃي، پوءِ عمران خان وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهي هڪدم ليگلن ۽ پيپلن جي قيادت کي گرفتار ڪرائي اڊيالا جيل موڪليندو. يوٿين کي ته اها خوش فهمي به آهي ته هي جيڪو ڪجھ ڏينهن اڳ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ تيزي جو سلسلو  سامهون آيو ۽ ٽريڊنگ دوران 100 انڊيڪس 771 پوائنٽون واڌ سان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 93 هزارن جي نفسياتي حد به پار ڪري ويو يا

جنهن ريت ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ڊالر جو اگهھ گهٽجي ويو انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 21 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 277 رپين 74 پئسن تي بند ٿيو. اهڙي ريت اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر 14 پئسا سستو ٿيو ۽ ڊالر جي قيمت 278 روپيا 74 پئسا ٿي، ان جو پسمنظري ڪارڻ به دراصل ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي ۽ عمران خان جي وري وزيراعظم ٿيڻ جي اميد جاڳڻ آهي.

حقيقت ڇا آهي ان تي ڪير غور نٿو ڪري آمريڪي مداخلت عيوض حڪومت کسجڻ جي دعويٰ ڪندڙ هاڻي آمريڪي مداخلت عيوض خان جي آزادي ۽ وري وزيراعظم بڻجڻ جون دعوائون ڪري رهيا آهي، حيرت ته ان سياسي لوٽي قانوني ماهر جي قابليت تي ٿئي ٿي جنهن وڏي اميد ڏيکاريندي چيو آهي ته "ٽرمپ پهريون حڪم عمران جي آزادي جو ڏيندو”. مڃجي کڻي ته آمريڪي مداخلت پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ موجود هجي به پر ڪنهن به ٻئي ملڪ جي معاملن ۾ ڪنهن به طاقتور ملڪ کي به حڪم جاري ڪرڻ جو ڪوبه اختيار نٿو هجي، وڌ ۾ وڌ سفارتي بليڪ ميلنگ وسيلي پنهنجي ڳالهھ مڃرائي سگهجي ٿي سابه هڪدم نه پر وقت ان ۾ به لڳندو آهي.

هاڻي هن معاملي جو ٻيو رخ به ڏسجي ته ڪجهه سياسي تجزي نگار چون ٿا ٽرمپ سعودي شهزادي جو ڪاروباري پارٽنر آهي ۽ ڪاروباري معاملن کي اهميت ڏيندو آهي، ٻئي پاسي شريف فيملي جا پڻ سعودي بادشاھي گهراڻي سان ويجها ڪاروباري لاڳاپا آهن، تنهنڪري سڀني ڌرين يعني يوٿين، ليگلن ۽ پيپلن جي سمورن دانشور سپورٽرن کي مڪمل حق حاصل آهي ته هُو جيڪو سوچين ٿا سوچيندا رهن، خوابن ۽ خيالن تي پابندي ناهي، باقي ٿيندو اهو جيڪو اصل اقتدار ڌڻي ملڪي مفادن لاءِ بهتر سمجهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.