قصو چمبڙ جي سنڌ هاري ڪميٽي جي ڌرڻي جو……

تحرير: ثوبيا کوسو

ترقي يافته ملڪن ۾ زرعي زمينن سميت مختلف ڪمن لاءِ استعمال ٿيندڙ زمينن جو رڪارڊ تقريبن آن لائن هوندو آهي، ڪمپلينون به آن لائن ٿينديون آهن ته عوام جي مسئلن کي به يڪدم حل ڪيو ويندو آهي، اتي ڪنهن جي به زمينن جا کاتا تبديل ناهن ڪيا ويندا ۽ نه ئي وري ڪوڙا سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويندا آهن، ۽ جيڪڏهن ڪو ڪرپشن به ڪندو آهي ۽ ان تي ڪيس ٿيندا آهن ته اهي به هڪدم حل ڪيا ويندا آهن، غيرقانوني ڪم ڪندڙن کي سزا ڏني ويندي آهي، پر وري جيڪڏهن اسان جي ملڪ طرف اچون ۽ خاص ڪري صوبي سنڌ جي روينيو ڊپارٽمنٽ جي جاچ پڙتال ڪريون ته خبر پوندي ته هتي ته ڪم ئي ابتڙ آهي، پئسن عيوض ڪيترن ئي آبادگارن جا کاتا تبديل ڪيا ويندا آهن، هڪ زمين جا ڪيترائي سيل سرٽيفڪيٽ ڪڍيا ويندا آهن، حصيدارن جي حصي کان وڌيڪ سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪري حصيدارن کي پاڻ ۾ وڙهائي تماشو ڏٺو ويندو آهي، اهو سنڌ جي ڪنهن هڪ شهر جو واقعو ناهيون پر سموري سنڌ جو اهو حال آهي،

رپورٽن موجب روينيو ڊپارٽمنٽ چمبڙ جي ظلمن ، پئسا وٺي کاتا تبديل ڪرڻ، حصيدارن کي حصي کان وڌيڪ زمين جا سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ ۽ ڪورٽ جي آرڊر تي عمل نه ڪرڻ خلاف، سنڌ هاري ڪميٽي چمبڙ طرفان ارباب رستماڻي، محبوب لنڊ ۽ ذوالفقار کوسو جي اڳواڻي ۾ مختيارڪار آفيس جي مين گيٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ويو، جتي سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي سوشل سيڪريٽري عوامي آواز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته چمبڙ جو روينيو ڊپارٽمنٽ آبادگارن لاءِ عذاب بڻيل آهي ڪڏهن زمينن جا کاتا تبديل ڪيا وڃن ٿا ته ڪڏهن زمينن جو رڪارڊ ئي لڪايو وڃي ٿو، 2010 ۾ هڪ سرمائيدار کان ڪروڙين روپيا وٺي چمبڙ جي ديهه ٺل جي آبادگارن جي 583 ايڪڙ زمين جا کاتا آبادگارن جي نالي تان هٽائي انهي سرمائيدارن جي نالي ڪيا ويا ۽ اهو سمورو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ به ڪيو ويو، جنهن جي خلاف ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان مسلسل 10 سال جدوجهد ڪئي جنهن بعد اهي کاتا آبادگارن جي نالي ڪيا ويا، انهيءَ  وچ ۾ به روينيو ڊپارٽمنٽ تي مسلط اسٽاف آبادگارن کان به مختلف بهانن تي پئسا وٺندا رهيا ۽ مٿن پريشر به وجهندا رهيا ته ڪجهه ڪو نه ٿيندو، اسين ان سرمائيدار سان ڳالهايون ٿا اوهان پئسا وٺو ۽ ڪيسن تان هٿ کڻو، پر آبادگارن ڪميونسٽ پارٽي تي ڀروسو رکندي زمين تي ٿيل ڪيسن تان هٿ نه کنيو، ۽ هاڻي روينيو ڊپارٽمنٽ چمبڙ جي اها حالت آهي جو ڪيترن ئي سالن کان هڪ ئي اسٽاف مقرر ٿيل آهي،جيڪو مقامي آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، سنڌ هاري ڪميٽي چمبڙ جي صدر محبوب لنڊ سان به روينيو وارن ويڌن ڪيو آهي هن جي والد جي فوتي کاتي ۾ هنن کي تقريبن 66 ايڪڙ زمين آئي هئي، جنهن جا کاتا تبديل ٿيا، سڀني حصيدارن کي پنهنجي پنهنجي حصي جي زمين ملي پر مسئلو تڏهن ٿيو جڏهن انهن حصيدارن زمين وڪرو ڪئي، ۽ روينيو ڊپارٽمنٽ ملي ڀڳت ڪري انهن کي پنهنجي حصي کان وڌيڪ زمين جا سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڏنا ۽ کاتا به ٺاهي ڏنا،مطلب ته جنهن جي حصي ۾ ٻه ايڪڙ زمين هئي انهي کي چار يا پنج ايڪڙ زمين جا سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڏنائون، ڪامريڊ محبوب لنڊ بار بار روينيو ڊپارٽمنٽ چمبڙ ويندو رهيو ۽ روينيو جي وزير کان وٺي تپيدار تائين درخواستون ڏيندو رهيو ته سڀني حصيدارن جي زمين جي ماپ ڪري انهن کي پنهنجي زمين الڳ ڪري ڏيو، پر روينيو ڊپارٽمنٽ وارا رڳو خالي آسرا ڏيندا رهيا ڇو ته انهن کي خبر هئي ته زمين جي رڪارڊ ۾ هيرڦار اسان جو ئي ڪيل آهي ته اسين زمين حصيدارن کي الڳ الڳ ڪري ڏينداسين ته راز ظاهر ٿي پوندا، ڪرپشن ظاهر ٿي پوندي، نيٺ مجبور ٿي ڪامريڊ محبوب لنڊ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي، سول ڪورٽ ان جي حق ۾ آرڊر ڏنو ۽  جڏهن محبوب لنڊ مختيارڪار چمبڙ کان پنهنجي زمين جي رڪارڊ جا سچا نقل وٺڻ لاءِ درخواست کڻي ان جي آفيس ۾ پهتو ته مختيارڪار ان سان بدتميزي ڪندي ان کي گارگند ڪئي ۽ آفيس مان ڪڍي ڇڏيو جنهن خلاف اڄ اسان ڌرڻو هنيو آهي، ڪامريڊ محبوب لنڊ عوامي آواز کي ٻڌايو ته آئون هڪ سياسي اڳواڻ آهيان منهنجي زمين جا ڪوڙا کاتا ٺهرائي حصيدارن کي حصي کان وڌيڪ زمين جا سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڏنا ته اوهان سوچيو ته آبادگارن سان ڪهڙو ويڌن هوندو، آئون سمجهان ٿو ته چمبڙ جو روينيو ڊپارٽمنٽ سنڌ جو اهو ڊپارٽمنٽ آهي جتي جنهن جو به ٽرانسفر ٿي اچي ٿو اهو وڃڻ کان لاءِ تيار ئي ناهي هوندو، روينيو ڊپارٽمنٽ چمبڙ جي مختيارڪار آفيس جو اسٽاف جنهن ۾ تپيدارن کان ويندي سوئيپرن تائين سڀ مقامي آهن ۽ 10 10 سالن کان هتي مقرر آهن، مون  روينيو ڊپارٽمنٽ جي اعليٰ آفيسرن کي به درخواستون ڏنيون آهن پر ڪير به منهنجو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، آئون وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه کي اپيل ٿو ڪيان ته مون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ منهنجي زمين جا غيرقانوني کاتا ٺاهيندڙ ۽ سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪندڙ مختيارڪار چمبڙ، تپيدارن ۽ سپروائزرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي۔ سنڌ هاري ڪميٽي اڳواڻ ذوالفقار کوسو عوامي آواز کي ٻڌايو ته چمبڙ جي روينيو ڊپارٽمنٽ جي مختيارڪار آفيس ۾ ڪم ڪندڙ سپروائيزر، تپيدار ايترا ته طاقتور آهن جو سالن کان هڪ ئي تعلقي ۾ مقرر آهن پر ڪير چوڻ ۽ ڪڇڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن تپيدار وٽ پهرين موٽرسائيڪل به نه هئي اهي اڄ لکين روپين جي گاڏين ۾ ڦرندا ٿا وتن ۽  ڪروڙن جي پراپرٽي جا مالڪ آهن پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته انهن تي رياست طرفان ڪو به چيڪ بيلينس ناهي، ۽ ظلم جي انتها ته اها آهي جو جنهن جي زمين آهي ان کي زمين جو رڪارڊ نٿو ڏنو وڃي، پنهنجي زمين جو رڪارڊ وٺڻ زمين جي مالڪ جو قانوني حق آهي ۽ هن رياست جي قانون طرفان مختيارڪار کي به پابند ڪيو ويو آهي ته هو زمين مالڪ کي رڪارڊ ڏي ڪامريڊ محبوب لنڊ جي زمين جا ڪوڙا کاتا رکي سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪري خون خرابو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪو ٿيڻ نه ڏينداسين، وڏو وزير، وزير روينيو ۽ اعليٰ آفيسر نوٽس وٺي ڪاروائي ڪن ، هن وڌيڪ چيو ته چمبڙ جو روينيو ڊپارٽمنٽ عام عوام لاءِ ڪوس گهر بڻيل آهي، جيڪو به آبادگار پنهنجو مسئلو کڻي ويندو آهي ان کان پهرين ته پئسا گهريا ويندا آهن، جيڪو پئسا نه ڏيندو آهي اهو ڀلين سالن جا سال چڪر ڪاٽيندو رهي، اسين اعليٰ آفيسرن کي اها اپيل ٿا ڪيون ته ڪامريڊ محبوب لنڊ سميت جن به آبادگارن جا کاتا تبديل ڪيا ويا آهن يا جيڪي به آبادگار روينيو ڊپارٽمنٽ چمبڙ جي عملي تي دانهين آهن انهن جا مسئلا فوري حل ڪيا وڃن ۽ اينٽي ڪرپشن کي حڪم ڏنو وڃي ته هو انهن جي ٺاهيل غيرقانوني ملڪيت خلاف جاچ ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.