اسٽيبلشمينٽ جي موجوده قيادت جي هوندي عمران خان سان ٽن سالن تائين ٺاهه نه ٿيندو؟

اسلام آباد(منيب فاروق)ٻن دوست ملڪن پاڪستان کان سيڪيورٽي مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،سعودي عرب ۽ چين پاڪستان تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ان کي سيڪيورٽي جا مسئلا سنجيدگي سان حل ڪرڻا پوندا،سعودي ولي عهد محمد بن سلمان به واضح ڪيو آهي ته جيستائين دهشت گردي ختم نٿي ٿئي ڪو به سيڙپڪار پاڪستان نه ايندو،دهشت گردي رياست پاڪستان لاءِ سنگين چئلينج بڻجي ويو،پاڪستان سرڪار نئين  آمريڪي حڪومت سان به ڳالهين لاءِ بي تاب آهي،سعودي اختياريون هن وقت عمران خان کي ايترو پسند نٿيون ڪن، شهزادي محمد بن سلمان جو نئين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان رياستي يا حڪومتي سطح تي نه ڪاروباري سطح تي تعلق آهي،عمران خان ٽن سالن تائين ته جيل مان ٻاهر نه ايندو، 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان کي سزا ملڻ يقيني آهي،حڪومت کي پي ٽي آءِ جي احتجاج جي سڏ تي ايتري پريشاني ناهي،ليگي اڳواڻ دعويٰ ڪئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ اسان کي نه اسان اسٽيبلشمينٽ کي هلائي رهيا آهيون،ملڪ احمد خان شايد ماڻهن کي بيوقوف سمجهي ٿو،عمران خان جي حڪومت،پي ڊي ايم جي پهرين سرڪار ۽ موجوده سيٽ اپ کي اسٽيبلشمينٽ ئي هلائي رهي آهي،اها هن کي به خبر آهي ته قومي سلامتي واري رياست ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج جي مرضي کان بغير ڪجهه به نٿو ٿي سگهي،ٻئي پاسي وفاقي مشير راڻا ثناءُ الله جو موقف آهي ته آرمي چيف اسان سان گڏ آهي،هو دوکو نه ڪندو، آرمي چيف جي ويجهو رهندڙ  ذريعن جو موقف آهي ته جنرل عاصم منير يوٽرن ناهي وٺندو،ايئن ناهي ته مٿس ڪو دٻاءُ وجهي عمران خان کي آزاد ڪرائي ڇڏي،موجوده حڪومت به جيڪڏهن هن سان نه ڦٽايو ته اها هلي ويندي پر جيڪڏهن اکيون ڏيکاريون ته پوءِ هو پنهنجي مزاج ۾ انتهائي سخت آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.