ويڙھاڪ تنظيمن جون واڳون ھاڻي وچين ۽ ھيٺين طبقي جي پڙھيل نوجوانن جي ھٿن ۾ آھن : مالڪ بلوچ

اسلام آباد  (عوامي آواز نيوز )گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بلوچستان اندر ھن سال دھشت گردي واقعن ۾ 49 سيڪڙو واڌ ٿي آھي. ھلندڙ سال جي پھرين ڏھن مھينن دوران 254 دھشت گردي جي واقعن ۾ 355 جانيون ضايع ٿيون 2023 ۾ 155 دھشت گرد حملا ٿيا ھئا جنھن ۾ 264 جي لڳ ڀڳ انساني جانيون ضايع ٿيون ھيون. بلوچستان جي صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت صرف بيانن تائين محدود آھي.بلوچ يڪجھتي ڪميٽي ھڪ وڏي طاقت ٿي اڀري رھي آھي  ٻئي طرف پھاڙن ۾ ويٺل پڻ نوجوان طبقي کي  پاڻ ڏانھن ڇڪي رھيا آھن،نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر  عبدالمالڪ بلوچ جو چوڻ آھي تھ  بلوڇستان اندر جيڪا دھشت گردي آھي ان جي پويان ھڪ وڏي تاريخ آھي ھڪ تھ افغان جھاد بھ آھي ٻئي بلوچ انسرجنسي آھي جنھن ۾  نواب اڪبر بگٽي جي شھادت  کان پوءِ زور آيو آھي اھو ڏينھنون ڏينھن وڌي رھيو آھي گھٽ نھ پيو ٿئي. بلوچستان جا سڀ ادارا زوال  جو شڪار آھن،هن چيو ته  ھتي وڏو مسئلو عوام جي حق حاڪميت جو آھي، 2024  دورران جيئن  کٽڻ وارن کي ھارايو ويو  جيستائين  اصل نمائندن کي  حق نھ ڏنا ويندا تھ  مسئلا برقرار رھندا،. ھي سياسي مسئلو آھي ان کي بندوق جي زور تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندئو تھ حل نھ ٿيندو  انھن ويھن 22 سالن ۾ مسئلو وڌيو آھي.  ھتي اسان جي ڪنٽرول ۾ ڪجهھ بھ ناھي، ھتي پارليامينٽ ھڪ ڍانچو آھي جيڪو بي روح آھي. جيڪو اسلام آباد جو مائينڊ سيٽ آھي اھو نوجوانن کي  سياست کان پري ڪري رھيو آھي.اھي سوچين ٿا تھ پاڪستان ۾ جمھوريت ناھي تھ اسان ڇو پاڻ کي مصيبت ۾ وجھون ؟ھن ڀيري تھ اليڪشن نھ پر سليڪشن ٿي آھي. نھ پوليس نھ بيوروڪريسي  نھ پارليامينٽ ڪم پئي ڪري. هن چيو ته  ھڪ مسنگ پرسن جو مسئلو آھي ٻيو  بارڊر بند آھي جڏھن ماڻھن جا چلھا نھ ٻرندا تھ  دانھون ئي ڪندا، ھاڻي تھ معاملا وڌيڪ خراب ٿي ويا آھن. ھن وقت مک بي ايل ايف آھي  جنھن کي ھاڻي لوئر مڊل ڪلاس  مان آيل نوجوان سنڀالين پيا. مسنگ پرسن جو مسئلو آھي انھن کي ٿاڻن تي رکو انھن کي گم ڇوٿا ڪري ڇڏيو. سڀ کان اول تھ حقيقي نمائندن کي  حڪومت ڏني وڃي . مون خبر ئي ناھي تھ ھن وقت ڪھڙي حڪومت آھي  ڪٿان پئي ھلي،ويڙهه وارن علائقن ۾ ھن وقت تھ سڀ بلوچ علائقا شامل ٿي ويا آھن جن ۾ قبائلي گھٽ  ۽ نوجوان گھڻا آھن.. مان اھو ڏسان ٿو تھ ھڪ وقت اھڙو ايندو جو سرڪار جي ھٿ ۾ ڪجهھ بھ نه ھوندو، مسئلن جو حل اھو آھي تھ سڀ کان پھريون بلوچستان جا سڀ وسيلا بلوچ عوام جي ھٿ ۾ ڏنا وڃن انھن کي نوڪريون ڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.