آئيني بينچ 14 نومبر کان ٻڌڻي شروع ڪندي، التوا جو شڪار ڪيس پهرين ترجيح

اسلام آباد(م ڊ) آئيني بئنچ آڏو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آئيني بينچ 14 نومبر کان ٻڌڻي شروع ڪندي، سپريم ڪورٽ ۾ آئيني ڪيسن ۽ بينچن جي قيام بابت جسٽس امين الدين خان جي صدارت هيٺ ججز ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اهو اجلاس جسٽس جمال مندو خيل جي چين کان واپسي کانپوءِ طلب ڪيو ويو، ذريعن موجب جسٽس محمد علي مظهر اجلاس ۾ ٽيليفون تي شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ اڳ۾ آيل درخواستن جو جائزو ورتو ويو، ججز ڪميٽي جو اجلاس هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آئيني بينچ آڏو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا وڃن، ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ 14 نومبر کان ٻڌڻي شروع ڪندي ۽ هر درخواست تي پنهنجي واري تي ٻڌڻي ڪئي ويندي، پڌرائي موجب التوا جو شڪار ڪيسن کي ترجيح ڏني ويندي، جسٽس محمد علي مظهر جي اسلام آباد واپسي کانپوءِ ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 13 نومبر تي ٿيندو، جسٽس عائشه ملڪ 14 ۽ 15 نومبر تي موجود نه هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.