اسلام آباد: (بيورو/ م ڊ)قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ 27 لک پاڪستانين جو نادرا مان رڪارڊ ڇوري ٿيڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي جڏهن ته 27 تعلقه اهڙا آهن جتي نادرا جون آفيسون ئي موجود نه آهن. قومي اسيمبلي جي ميمبر آغا رفيع الله ذميوارن جي خلاف اڃان تائين ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. راجه خرم نواز جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ آغا رفيع الله چيو ته 27 لک ماڻهن جو ڊيٽا چوري ٿيڻ جو مسئلو نه هو. اصل ۾ ڪجهه اهم ماڻهن جو ڊيٽا ليڪ ٿيڻ تي تڪليف ٿي هئي. آغا رفيع الله چيو ته ڊيٽا ليڪ ڪندڙ اڄ به نادرا ۾ ويٺل آهن ۽ کاتي جو اهم حصو آحن. ڊيٽا ليڪ ڪندڙن جي خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ٿي. ڊيٽا ليڪ ڪندڙ وڌيڪ سٺين پوسٽن تي مقرر ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ نادرا چيئرمين ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اسان نادرا جي آفيسن کي وڌائي نٿا سگهون، ڇو ته نادرا جي آفيسن کي وڌائڻ سان سڃاڻپ ڪارڊ جي فيس وڌائڻي پوندي. 61 تعلقه اهڙا آهن جن ۾ نادرا جون آفيسون نه آهن ۽ اسان اهڙن تعلقن ۾ جتي حڪومت اعلان ته ڪري ڇڏيو پر انهن جي تڪ بندي نه ڪئي وئي آهي. چيئرمين نادرا ٻڌايو ته نادرا جو پنهنجو فنڊ آهي. اسان فيس تبديل ناهي ڪئي، اسان ڪارڊز کي ري نيو ناهي ڪيو، جيستائين پراڻوُ ڪارڊ هلي رهيو آهي ڪوبه ماڻهو نئون ڪارڊ نٿو ٺهرائي ماڻهو سڃاڻپ ڪارڊ نٿا ٺهرائين ته اسان جو فنڊ به جنريٽ ناهي ٿيندو. هن چيو ته 27 تعلقا اهڙا آهن جتي نادرا آفيسون نه آهن. وڌيڪ تعلقه ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ آهن. چيئرمين نادرا چيو ته مختلف حڪومتن دستاويزن ۾ تبديلي ڪئي آهي. حنيف عباسي چيو ته افغانين نادرا مان ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڇڏيا آهن، طارق فضل چيو ته افغانين جا ڪارڊ ٺهي رهيا آهن، نادرا چيئرمين چيو ته اسان هڪ اڍائي لک ڪارڊ بند ڪيا آهن. نادرا جي چيئرمين چيو ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف گيلاني جي حڪم تي سندس دور ۾ پهريون شناختي ڪارڊ مفت آهي، اسان روزانو 3 کان 4 سئو ماڻهن جي نگراني ڪندا آهيون. پيپلزپارٽي جي ميمبر نبيل گبول چيو آهي ته منيب چيما کي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ سبب هٽايو ويو هو پر کيس ٻيهر مقرر ڪيو ويو آهي، اسان اڃا توهان سان ملڻ نه آيا آهيون. نادرا جي چيئرمين نبيل گبول سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن توهان اسان سان ملڻ چاهيو ٿا ته ضرور اچو.