ڪراچي ۾ ماءُ ۽ ڌيءُ کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد جو انڪشاف

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي لياقت آباد وومين ٿاڻي تي مبينا طور تي عورت ۽ سندس نوجوان نياڻي کي ڪپڙن کان آجو ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين لاڪ اپ ۾ تشدد جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، متاثر عورت ڪرن ناز هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته بدمعاش نوجوانن گهر ۾ گهڙي اسان کي يرغمال بڻائي تشدد ڪيو، جنهن کانپوءِ انهن اسان کي لياقت آباد وومين پوليس جي مدد سان ٿاڻي تي گهرائي اسان جي ڳالهه ٻڌڻ بدران اسان کي لاڪپ ڪرايو ويو، جنهن بعد  اسان کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين حراست ۾ رکيو ويو، مون ۽ منهنجي نوجوان ڌيءُ کي ڪپڙن کان آجو ڪري اسان سان جنگي قيدين وارو ورتاءُ ڪيو ويو، ٻي پاسي ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو معاملي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جاويد عالم اوڍو جو چوڻ آهي ته ڪنهن به شهري کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، واضح رهي ته ايس ايڇ او تسنيم اقبال کي اڳ به اختيارن جي ناجائز استعمال تي معطل ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.