لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت اسموگ ۽ فضائي گدلاڻ سبب صوبي جي سمورن ضلعن ۾ خانگي ۽ سرڪاري اسڪول بند رکڻ جا حڪم اري ڪري ڇڏيا آهن. پنجاب ۾ وڌندڙ سموگ ۽ فضائي آلودگي سبب سمورا اسڪول 17 نومبر تائين مڪمل بند رکڻ ۽ خانگي ادارن جي اڌ عملي کي آن لائين شفٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ پنجاب جي 8 ضلعن لاهور، فيصل آباد، گوجرانوالا، ملتان، راولپنڊي، ڊي جي خان، سرگوڌا ۽ ساهيوال سميت ٻين ضلعن ۾ تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي . نوٽيفڪيشن موجب صوبي جا سمورا سرڪاري ۽ خانگي اسڪول 17 نومبر تائين بند رهندا، جڏهن ته نوٽيفڪيشن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا، ٽيوشن سينٽر آن لائن سيشن تي منتقل ڪيا وڃن. اختيارين موجب تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو هوا جي معيار جي انڊيڪس ۾ واڌ ۽ فضائي آلودگي سبب ساهه، اکين ۽ گلي جي بيمارين ۾ واڌ سبب ڪيو ويو آهي.