شڪارپور: 10 جانيون ڳڙڪائيندڙ مهر – جتوئي تڪرار جو نبيرو اڄ ٿيندو

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) شڪارپور ضلعي اندر مهر- جتوئي ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو اڄ سرڪٽ هائوس سکر ۾ فيصلو ٿيندو، ان بابت: مهر/ جتوئي هائوسن جي ترجمان تصديق ڪري ڇڏي! ان ڏس ۾ شڪارپور ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ شروع ٿيل مهر جتوئي تڪرار جو نبيرو اڄ سرڪٽ هائوس سکر ۾ رکيو ويو آهي جنهن  جي مهر ۽ جتوئي هائوس جي ترجمانن پڻ تصديق ڪئي آهي، فيصلي ۾ علي گوهر خان مهر، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خان جتوئي، مير عابد حسين خان جتوئي، سردار مير عابد حسين سندراڻي ۽ ٻيا شرڪت ڪندا، واضع رهي ته مهر – جتوئي تڪرار هن وقت تائين 10 کان وڌيڪ جانيون وٺي چڪو آهي جنهن بعد ٻنهي ڌرين جي معزز جي ڪوششن سان ٻئي ڌريون فيصلي تي راضي ٿيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.