حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ گٽرن جا کليل منهن معصوم ٻارڙن لاءِ موت جو سامان بڻجي ويا. گلشن زيل پاڪ ڪالوني ۾ 3 ورهين جو معصوم ٻار گٽر ۾ ڪرڻ سبب فوت، 3 ڪلاڪن بعد لاش ھٿ، گھر ۾ ڪھرام. حيدرآباد جي سائيٽ ٿاڻي جي حد گلشن زيل پاڪ ڪالوني ۾ ڪالھ شام جو 3 سالن جو معصوم ٻار صفيان پٽ زاھد الله کليل گٽر ۾ ڪرڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو. وارث اطلاع ملڻ تي پھچي ويا. انتظاميا 3 ڪلاڪن جي لڳاتار ڪوششن بعد گٽر نالي مان معصوم ٻار جو لاش ھٿ ڪري ٻاھر ڪڍيو، جيڪو ضروري قانوني گھرجن بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گھر پھچڻ تي گھرڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو. ھوڏانھن علائقي واسين جو چوڻ آھي ته حيدرآباد شھر ۾ ھر ھنڌ گٽرن جا منھن کليا پيا آھن. جن ۾ معصوم ٻارڙن جون زندگيون موت جو شڪار ٿين پيون پر افسوس انتظاميا ڪوبه قدم کڻڻ لاء تيار ناھي. ھنن چيو ته معصوم ٻارڙا گٽرن ۾ ڪرڻ ۽ موت جو شڪار ٿيڻ جي ذميوار انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا آھن. .