ڀارت سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي نظر نه پئي اچي: نواز شريف

لنڊن(م ڊ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ قائد نواز شريف جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي ها، ڀارت سان ماضي جا لاڳاپا سڌارڻ جي ضرورت آهي، لنڊن ۾ مريم نواز سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جنيوا کان لنڊن پهچي ويا آهيون، الحمدلله سڀ خيريت آهي، جيڪڏهن ڀارتي ٽيم کيڏڻ لاءِ پاڪستان اچي ها ته سٺو ٿئي  ها، اميد آهي ته اهڙو وقت جلد ايندو، ماضي ۾ ڀارت سان لاڳاپا خراب ٿيا آهن ته پوءِ انهن کي سڌارڻ جي ضرورت آهي، مون کي ڀارت سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي نظر نه ٿي اچي، هن چيو ته سمورين پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپا هجڻ گهرجن، پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا سٺا رهيا آهن ۽ سٺا رهڻ گهرجن، پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي نواز شريف چيو ته سڄو ملڪ ڏسڻ چاهي ٿو ته ڏيڍ ارب وڻ ڪٿي آهن، 50 لک نوڪريون ڪٿي آهن، 300 ڊيم ڪٿي آهن؟، اسان کي ته ڪجهه به نظر نه ٿو اچي، ڪو هڪ منصوبو ٻڌايو جنهن جو هنن بنياد رکيو هجي ۽ افتتاح ڪيو هجي، لنڊن ۾ قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي حملي بابت هن چيو ته پي ٽي آءِ بدتميزي جي ڪلچر جو بنياد رکيو آهي، جيڪو پاڪستان لاءِ تمام گهڻو افسوسناڪ آهي، ان ڪلچر کي پي ٽي آءِ وارن پنهنجي حڪومتي دور ۾ وڌيڪ پروموٽ ڪيو، هاڻي اپوزيشن ۾ ان کي اڃا وڌيڪ هٿي ڏئي رهيا آهن، بدتميزي جو بنياد رکڻ انتهائي بدقسمتي آهي، نوجوانن کي گاڏين پٺيان ڊوڙائڻ تي لڳايو ويو آهي، کين هدايت ڪئي وئي آهي ته وڃو ماڻهن جا پٽڪا لاهيو، اهي گاڏين جو پيڇو ڪري رهيا آهن، ٽماٽا ۽ بيدا اڇلائي رهيا آهن، ڀائو! جيڪڏهن توهان جي قسمت ۾ احتجاج ئي لکيل آهي ته گهٽ ۾ گهٽ سٺي طريقي سان ته ڪريو، هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ مهانگائي ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پهريون ڀيرو اٽي ۽ ماني جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ قدم کنيا، شهباز شريف معيشت جي بهتري لاءِ وڏا قدم کنيا، 6 کان 7 سالن کانپوءِ پاڪستان هاڻي ٻيهر ترقي ڪري رهيو آهي، ان موقعي تي مريم نواز چيو ته سموگ جو مسئلو رات پيٽ ۾ حل نٿو ٿي سگهي، پر ڪجهه سالن ۾ مسئلو حل ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.