پي ٽي آءِ جو حتمي احتجاج به ناڪام ويو ته پوءِ ڇا ڪنداسين:شير افضل

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته هن ڀيري جيڪڏهن حتمي احتجاج ۾ اسان ناڪام ٿي وياسين ته پوءِ ڇهن مهينن تائين ماحول نه بڻجي سگهجندو، پاڪستان جي ڪنهن به علائقي مان ٻه کان ٽي لک ماڻهو نڪري آيا ته ڪافي هوندا،هڪ  نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان کي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ عوام جي ذهنن ۾ اهو ويهارڻو آهي ته اهو فائنل احتجاج آهي، ان لاءِ تياري سان گڏ اچڻو آهي، ڇو ته گرفتاري سان ڪنهن به طرح جي حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، هن چيو ته بنگلاديش ۾ ٽي لک شهري ٻاهر نڪري آيا ۽ حڪومت جو تختو ڪيرائي ڇڏيو، پاڪستان ۾ ائين ڇو نٿو ٿي سگهي،

هن چيو ته اڄ اسان جي ٽن اهم اڳواڻن کي اڊيالا جيل ۾ گرفتار ڪري حڪومت پنهنجو چهرو دنيا سامهون کڻي آئي، عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه ڏيڻ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي، قلم 144 جيل جي حدن ۾ لاڳو نٿو ٿئي،هن چيو ته اسان کي حڪومت مان خير جي ڪا به اميد ناهي، اڊيالا جيل جو نئون سپرنٽينڊنٽ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي پريشان ڪرڻ لاءِ آندو ويو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.