عمران خان پارٽي قيادت تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

لاهور(مبشر لقمان)عمران خان احتجاج جي فائنل ڪال جو سڏ پاڻ ڏيڻ جو اعلان ڪري اصل ۾ پنهنجي پارٽي اڳواڻن تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي،هاڻي پارٽي جا سمورا معاملا هو پاڻ ڏسندو،هن کي علي امين گنڊاپور تي به اعتبار ناهي،اسد قيصر،سلمان اڪرم راجا،شيخ وقاص ،عمرايوب مان به هو ڪنهن کي قيادت جي لائق نٿو سمجهي،هن وقت پي ٽي آءِ ڪارڪن قيادت مان ۽ عمران خان پارٽي اڳواڻن مان بيزار آهي،پي ٽي آءِ پاران ضلعي،صوبائي سطح تي عمران خان جي ان فائنل ڪال تي لبيڪ جو سڏ ناهي ڏنو ويو،ڪو مڃي  يا نه مڃي،پارٽي ڪارڪن پنهنجي باني مان مايوس ٿي چڪا آهن،ان مايوسي جو بنيادي سبب”ڀڳوڙا انقلابي“ آهن،جيڪي پاڻ ڪنهن محفوظ هنڌ تي ويهي ڪارڪنن کي لٺيون ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏين ٿا،لنڊن ۾ ويٺل انهن جو ريٽائرڊ ڀڳوڙو جعلي انقلابين کي مسلسل وائکو ڪري رهيو آهي،تازو هن دعويٰ ڪئي آهي ته علي امتياز وڙائچ ۽ ميان اسلم اقبال طاقتورن کي خاطري ڪرائي آهي ته هو لاهور ۾ احتجاج لاءِ فعال نه بڻجندا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.