چين پاران پاڪستان ۾ پنهنجن شهرين جي حفاظت لاءِ پنهنجي فورس مقرر ڪرڻ لاءِ زور

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ چيني شهرين تي گذريل ڪجهه عرصي کان حملن ۾ اضافو ٿيو آهي. رائٽرز نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب چين هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تي زور ڀريو آهي ته هو پنهنجي فوج مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏئي.سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هن وقت چين کي ڪا به خاطري نه ڏني آهي. ذريعن موجب چيني اختيارين ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو چيني انجنيئرن تي حملي کي سيڪيورٽي جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. هڪ رپورٽ موجب چين هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۾ مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ پنهنجي شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ فوج مقرر ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.پاڪستان ۾ چيني مفادن تي حملن جي سلسلي ۾ اهو تازو هو جنهن ۾ ٻن چيني انجنيئرن سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا ۽ 21 زخمي ٿيا. ذريعن موجب چين انهن حملن کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي ناراضگي جو اظهار ڪندي پاڪستان کي گڏيل سيڪيورٽي مئنيجمينٽ سسٽم لاءِ ڳالهين تي مجبور ڪيو. پاڪستان جي پنجن سيڪيورٽي ۽ حڪومتي ذريعن جن کي انهن ڳالهين جي خبر آهي، انهن تفصيلن جي خبر ”رائٽر“ کي پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڏني آهي. ڳالهين ۾ حصو وٺندڙ هڪ سرڪاري اهلڪار رائٽرز کي ٻڌايو ته چين هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۾ پنهنجي فوجن کي مقرر ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. پر في الحال پاڪستان ان تي اتفاق نه ڪيو آهي. اهو واضح ناهي ته چين پاڪستان ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز کي مقرر ڪرڻ چاهي ٿو يا ڇا اهو نجي سيڪيورٽي ڪانٽريڪٽرن کي ڀرتي ڪندو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ هڪ سرڪاري آفيسر چيو ته پاڪستان چين کي چيو آهي ته هو پاڪستان ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن کي مقرر ڪرڻ بدران انٽيليجنس ۽ نگراني نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪري. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان رائٽرز کي ٻڌايو ته هو انهن ڳالهين کان واقف ناهي. جڏهن ته چين پاڪستان ۾ موجود چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ پاڪستان سان سيڪيورٽي تعاون جاري رکندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.