شڪارپور ۽ پرڀاسي ۾ بدامني،اغوا ٿي ويل 3 ڄڻا بازياب نه ٿيا، پوليس تماشائي بڻيل

شڪارپور / ميان صاحب (رپورٽ: ذوالفقار مگسي/مظفر ملڪ) ميان صاحب ڀرسان بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي روزانو ڦرلٽ جي وارداتن کان پوءِ اغوائن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ميان صاحب ڀرسان شڪارپور  جيڪب آباد نيشنل هاءِ  وي تان ڏوهاري صبح شام مسافرن کان موٽر سائيڪلون ۽  ڪارون ڦر ڪرڻ بعد هفتو اڳ لوڊرا ٿاڻي جي حد مان ڳوٺ محمد حيات جوڻيجو واسي کير وڪرو ڪندڙ پورهيت محسن جوڻيجو کي ڏوهاري اغوا ڪري ويا،  جنهن جو هفتو گذرڻ باوجود شڪارپور پوليس ڪو به ڏس پتو لڳائي نه سگهي آهي جنهن ڪري مغوي پورهيت محسن جوڻيجو جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي ، مغوي پورهيت محسن جوڻيجو جي بازيابي لاءِ سندس وارثن دين محمد جوڻيجو، خان محمد،  اقرار علي ۽ ٻين پاران لوڊرا پوليس آڏو ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا پر هن وقت تائين پوليس مغوي پورهيت کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي،  سندس وارثن ايس ايس پي شڪارپور کان بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي ٻئي طرف شڪارپور جيڪب آباد نيشنل هاءِ وي تان سلطان ڪوٽ ٿاڻي ڀرسان خير پور واسي ڪپڙي جي واپاري رحمان ڀاڳت ۽ ڪار ڊرائيور زوهيب چنا جي اغوا واقعي کي به 3 ڏينهن گذري ويا آهن پر هن مهل تائين شڪارپور پوليس خيرپور جي ٻنهي مغوين کي پڻ بازياب نه ڪرائي سگهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.