وڪيلن پاران اصيلن ۽ شهرين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  وڪيلن پاران پنهنجي ئي اصيلن ۽ ٻين شهرين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن پاران سندن اصيلن ۽ شهرين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.آءِ جي سنڌ جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ وڪيلن پاران 609 ڪيس داخل ڪيا ويا.جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي کانپوءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪيو.عدالت وڪيلن پاران شهرين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت سمورن ڪيسن جي جاچ لاءِ معاملو سنڌ بار ڪائونسل ڏانهن اماڻي ڇڏيو. عدالت بار ڪائونسل کي وڪيلن پاران ڪيس داخل ڪرڻ جي سبب جي جاچ ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.عدالت جو چوڻ آهي ته وڪيلن جا پنهنجن ئي اصيلن ۽ شهرين خلاف ڪيس وڪيلن جي پيشي لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.حڪم ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪندڙ وڪيلن خلاف قانوني ڪارروائي جو به حڪم ڏنو آهي. عدالت هدايت ڪئي ته پوليس شهرين جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي ان جي پيشي، رنگ، مذهب، نسل ۽ ذات جي فرق کان سواءِ پوليس بنا ڪنهن فرق جي هر شهري جي حفاظت کي يقيني بڻائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.