جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران سنڌوءِ تي ڪئنال اڏڻ خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان

ٽنڊو محمد خان ( ن ع آ ) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي مرڪزي اجلاس ذريعي سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ خلاف 24 نومبر تي ڀرپور احتجاج ، پيادل مارچ ۽ جلسو ڪري سڄي سنڌ ۾ مرحليوار تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو مرڪزي اجلاس ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ باقر نظاماڻي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي ميزباني هيٺ رهبر ڪميٽي جي سربراھ اسليم خيرپوري جي صدارت هيٺ ڪوٺايو ويو ، جنهن ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي مرڪزي چيئرمين نواز خان زئور ، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي چيئرمين سورهيه سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، جنهن ۾ اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ سنڌ سڪائڻ جي رٿيل سنڌ دشمن اهڙي سازش آهي جنهن سان سنڌ جي وحدت کي نقصان رسائڻ لاءِ زراعت کي مڪمل تباھه ڪرڻ جي منصوبي تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پئي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ، سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ ڪالاباغ ڊيم جهڙو سنڌ دشمن منصوبو آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي جنهن جي ڪري سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته 24 نومبر تي صبح جو 11هين وڳي ٽنڊو محمد خان جي اسٽيشن روڊ کان مرڪزي قيادت جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪري ٽنڊو محمد خان جي ڦليلي روڊ تي جلسو ڪيو ويندو ، جنهن کانپوءِ وري سنڌ جي ٻين ضلعن ، تعلقن ۾ الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ،ڌرڻا ۽ علامتي بک هڙتالن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.