اسلام ڪوٽ(رپورٽ: غازي بجير) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ٻپوهار هڱورجا ۾ ڪنڊي جي وڻ ۾ هڪ ئي چني سان ڦاهو لڳل لٽڪيل حالت ۾ ٻن ڀينرن 17 ورهين جي هيمان ۽ 15 ورهين جي وينتي ڌيءُ ڏانو ڀيل جا لاش هٿ اچڻ وارو معاملو نئون رُخ اختيار ڪري ويو آهي، ان سلسلي ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته جُهن ٿاڻي جي پوليس ٻنهي ڇوڪرين جا لاش اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال ۾ آندا پر لاشن جو پوسٽ مارٽم نه ڪرايو، پوليس لاش بنا پوسٽ مارٽم جي وارثن حوالي ڪيا، رابطي تي جهن ٿاڻي جي منشي ٻڌايو ته اسان پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال انتظاميه کي ليٽر ڏنو هو، اسپتال ۾ ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر چيتن داس ٻڌايو ته ليڊي ڊاڪٽر ليلان ۽ سندس ٽيم ٻنهي باڊين جو مڪمل جائزو ورتو، واقعي کي خودڪشي قرار ڏنو هو، ٻي ڪا به اهڙي شئي نظر نه آئي، ٿورو به شڪ پوي ها ته اسان سيمپل وٺون ها وارثن به لکي ڏنو ته ڇوڪرين پاڻ ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي، اسان کي ڪنهن تي به شڪ نه آهي، هوڏانهن فوتي ڇوڪرين جي وارثن ٻنهي ڇوڪرين جو دماغي توازن درست نه هجڻ جو بيان ڏنو، جنهن تي علائقي ۾ مختلف چئوٻول آهن، ڪجھه ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڇوڪريون مڪمل صحتياب هيون ٻني تي ڪم ڪار لاءِ پڻ روز وينديون هيون، اڪثر ٻئي ڀينرون هڪ ئي ڪلر ۽ ڊزائن جا ڪپڙا ۽ چپل پائينديون هيون، لاش هٿ اچڻ وقت ٻنهي کي هڪجهڙا ڪپڙا ۽ چپل پاتل هئا، ڪجھه ماڻهن جو اهو به چوڻ هو ته ڄاڻايل خاندان سکيو ستابو مالدار پنهنجي وارو آهي ۽ ساڳي خاندان ۾ ٽي سال اڳ به هڪ ڇوڪري پاران خودڪشي ڪرڻ وارو واقعو پيش آيو هو، ان جو به دماغي توازن درست نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي معاملو لئي مٽي ڪيو ويو هو، علائقي واسين جو اهو چوڻ هو ته ڇوڪرين جو پيءُ سخت قسم جو ماڻهو آهي، ڇوڪرين تي اجايو ڪم جو دٻاءُ هوندو هو، هنن مائيٽن کان تنگ ٿي اهڙو انتهائي قدم کنيو آهي، ايس ايڇ او جُهن عبدالمجيد نظاماڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته معاملي جي وري جاچ ڪنداسين، وارثن توڙي علائقي جي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪنداسين، ڪو معاملو هوندو ته هڪ ٻه ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو، قانون موجب ڪارروائي ڪبي، ٻي پاسي اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڀيل برادري اڪثر لاش کي زمين داخل ڪندي آهي پر گذريل ڏينهن وارثن پاران ٻنهي ڇوڪرين جي لاشن جو اگني سنسڪار ڪيو ويو آهي، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جُهن ٿاڻي جي پوليس به تر جي وڏيرن جي ونگار وهي نارين جي لاشن جي پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
-
هڪ ڀيڻ اڳ به آپگهات ڪري چڪي، گهڻ رخي جاچ ڪرايو: سڄاڻ ڌريون
اسلام ڪوٽ: علائقي جي سڄاڻ ڌرين گُهر ڪئي آهي ٿر ۾ هر روز خودڪشي جا واقعا پيش اچي رهيا آهن پوليس هر واقعي کي دماغي توازن درست نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي پاڻ کي آجو بڻائي ڇڏي ٿي، ڪڏهن به واقعي جي اصل ڪارڻ کي معلوم نه ڪيو آهي، هن واقعي جي شفاف ۽ گهڻ رخي جاچ ٿيڻ گهرجي ڇو جو هن خاندان ۾ ٽن ڀينرن جو موت ٿي چڪو آهي ۽ ٽي ڀينرون اڃان موجود آهن، ڪٿي وڌيڪ ڪا انساني نقصان نه ٿي پوي، معاملن جي تھه تائين وڃي اصل ڪارڻ ڳولي واقعي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
-
جسمن تي تشدد جا نشان نه هئا، معاملو خودڪشي لڳي رهيو هو: اسپتال انتظاميا
اسلام ڪوٽ: اسپتال انتظاميا موجب پوليس ٻُڌايو ته نارين جا وارث پوسٽ مارٽم نه ٿا ڪرائڻ چاهين، اهڙي بيان بعد اسان پوسٽ مارٽم نه ڪيو، ڊاڪٽرياڻي لاشن جو مڪمل چيڪ اپ ڪيو آهي، سندن جسم تي ڪي به نشان وغيره نه هئا،معاملو خودڪشي جو لڳي رهيو هو.
-
ايس ايڇ او جُهن پوسٽ مارٽم ٿيڻ ڪوڙي تصديق ڪندو رهيو! ”عوامي آواز “ آواز بڻي
اسلام ڪوٽ: پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ بابت معاملي کي عوامي آواز اُٿاريو، جُهن ٿاڻي جو ايس ايڇ او پوسٽ مارٽم ٿيڻ جي ڪوڙي تصديق ڪندو رهيو، صحافين جي رابطي تي پوليس ڪوڙ ڳالهائيندي رهي، نيٺ آخرڪار پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ بابت معاملي کي سڀ کان پهرين عوامي آواز اُٿاريو.