سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ماتحت عدالتن ۾40 ججن جي ترقين جي سفارش

ڪراچي(  رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي ماتحت عدالتن ۾ ججن جي ترقين جي سفارش ڪري ڇڏي،جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ترقي جي سفارش جو معيار، ڪارڪردگي ۽ سالياني رپورٽس تي ٺاهيو ويو، نوٽيفڪيشن ۾ چالهين جوڊيشل  ميجسٽريٽ ۽ سول جج کي سينيئر سول جج ۽ اسسٽنٽ ججن جي عهدن تي ترقيون ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي، سينيئر سول جج ۽ اسسٽنٽ ججن جي عهدن لاءِ ترقين جي سفارش ۾ عامر لطيف، فرقان ڪريم، الطاف حسين کوسو، محمد زبير، آڪاش، احمد ڪاشف، نور صبا، ونود ڪمار، ديدار علي ۽ محمد جاويد سميت ٻيا شامل آهن

  1. ڪراچي ۾ پ پ يوسي چيئرمين پٽ ۽ ڀائٽي سميت کنڀجي ويو

سرجاڻي ٽائون (رپورٽ: اصغر بروهي)ڪراچي سھراب ڳوٺ ٽائون يوسي 4 جي چيئرمين گل حسن بگٽي کي پٽ ۽ ڀائٽي سميت ٻن موبائيلن ۾ سوار 12 کان وڌيڪ پوليس اھلڪار گھر مان کنڀي ويا سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس واقعي کان لاعلم بڻيل آهي، سھراب ڳوٺ ٽائون يوسي چار جي چيئرمين گل حسن بگٽي ۽ سندس پٽ نديم بگٽي ڀائٽي نياز ولد عيد گل بگٽي کي ٻن موبائيلن ۾ سوار 12 کان وڌيڪ سادا لباس ۽ پوليس وردي پاتل گھر مان رات 4 وڳي کنڀي ويا سندس گرفتاري اڃا تائين ظاهر ناهي ڪئي۔ جڏھن ته پيپلزپارٽي يوسي چار جي چيئرمين گل حسن بگٽي ۽ سندس پٽ ۽ ڀائٽي جي گرفتاري بابت سھراب ڳوٺ پوليس لاعلم بڻيل آھي. ان حوالي سان گل حسن بگٽي جي پٽ طارق بگٽي پاران سھراب ڳوٺ ٿاڻي تي والد جي بازيابي لاءِ درخواست ڏني آهي جڏھن ته سهراب ڳوٺ ٽائون جي چيئرمين۽ پيپلز پارٽي ضلعي اوڀر جي اڳواڻن جو گل حسن بگٽي جي گرفتاري بابت ڪوبه موقف سامھون نه اچي سگھيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.