لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق پارٽي ڇڏڻ جي افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته هو پنهنجي پارٽي کان ڌار ٿي ويو آهي، ڪالهه سومر ڏينهن خواجا سعد رفيق ترديد ڪندي چيو ته هن پارٽي نه ڇڏي آهي، سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري ڪيل بيان ۾ سعد رفيق حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايڪس (ٽوئيٽر) تان پابندي فوري طور هٽائي، نگران حڪومت جي دور ۾ لڳل ان پابندي جو ڪنهن کي به فائدو ناهي.