ڄام ڪمال خان پاران به نون صوبن جي حمايت

اسلام آباد(بيورو)وفاقي واپار واري وزير جام ڪمال خان به نون انتظامي يونٽن ۽ ننڍن صوبن جي قيام جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.جام ڪمال خان پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته ننڍا صوبا ۽ نوان انتظامي يونٽ وقت جي ضرورت آهن. ننڍن صوبن جو مقصد اختيارن ۽ وسيلن کي عوام جي وڌيڪ ويجهو آڻڻ هئڻ گهرجي. نون انتظامي يونٽن سان حڪمراني ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي وڌيڪ اثرائتي ٿي سگهي ٿي.هن چيو ته انتظامي يونٽن کي ننڍو ڪرڻ سان مالي ۽ انتظامي اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ٿيندا. ارڙهين ترميم کانپوءِ وفاق صوبن کي اختيار منتقل ڪيا، پر صوبن کان ضلعن تائين ساڳئي انداز ۾ اختيار منتقل نه ٿي سگهيا.

رڙهين ترميم جو مقصد اختيار ۽ وسيلا عام ماڻهوءَ جي دروازي تائين پهچائڻ هو.جام ڪمال خان چيو ته صوبن اندر ضلعن کي وسيلن جي ورڇ لاءِ به واضح ۽ منصفاڻو فارمولو هجڻ گهرجي. قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ جي طرز تي ضلعن وچ ۾ وسيلن جي ورڇ جو طريقيڪار جوڙڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ ضلعي کي ٻه ارب ۽ ٻئي کي 20 ارب رپيا ملندا ته ترقيءَ ۾ فرق لازمي پيدا ٿيندو. وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ سان عوام ۾ محرومي، بيچيني ۽ بي اعتمادي پيدا ٿيندي.هن جو چوڻ هو ته ترقياتي وسيلا ڪجهه ماڻهن يا محدود گروهن جي مرضيءَ مطابق ورهائڻ نه گهرجن. ڪنهن ضلعي جي عوام کي صرف ان ڪري محروم نٿو ڪري سگهجي ته انهن جو نمائندو حڪومت ۾ شامل ناهي.

You might also like