محسن نقوي ن ليگ جو سينيٽر ۽ پارٽي جو گهرو وزير آهي: رانا ثناءُ الله

وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته محسن نقوي آزاد نه، پر پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو سينيٽر ۽ پارٽي جو گهرو وزير آهي.

خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته گهرو وزير محسن نقوي نظام بابت راءِ ڪنهن جي چوڻ تي نه ڏني آهي، اها سندس ذاتي سوچ آهي.

هن چيو ته ان حوالي سان اسان سان ڪنهن ٻئي ڌر طرفان نه ڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا خواهش موجود آهي.

رانا ثناءُ الله چيو ته محسن نقوي آزاد نه، پر مسلم ليگ (ن) جو سينيٽر ۽ پارٽي جو گهرو وزير آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اسان سياسي ماڻهو آهيون، ڄاڻون ٿا ته ريڊ لائن ڇا هوندي آهي ۽ اها ڪيئن پار ٿيندي آهي، اسان کي ڪنهن جي مس ڪال جي ضرورت ناهي.

You might also like