زراعت کاتي جا عملدار باقي ڇا ڏسندا آهن؟

تحرير: ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ

اسان وٽ جيڪو به ماڻھون جنهن هنر يا علم ۾ مهارت رکي ٿو اهو وري پنهنجو ڪم گهٽ ٿو ڪري يا بلڪل به نٿو ڪري، ان جو مثال سنڌ زراعت ۾ ڏسندا ته هتي جا زرعي انجنيئر ٻين ملڪن جي ايجاد تي پيا پاڻ آزمائن.واٽر مئنيجمينٽ جا ماهر صرف واٽر ڪورس تائين محدود آھن جڏهن ته پاڻي في ايڪڙ ورهاست، روينيو ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن جي وس ۾ آھي، جن کي وري اها به خبر ناهي ته واٽر ڪورس ۾ پاڻي ڪيتري رفتار سان هلي ٿو، پر هو منٽن جي حساب سان ورهاست ڪن ٿا.زرعي ريسرچ جا ماهر جنهن به فصل تي تجربا ڪن پيا ان تي به اڻپوري معلومات رکن ٿا. جيڪڏهن زرعي ريسرچ جا ماهر ناراض نه ٿين ته صرف کجي، انب، ڪيلو ۽ ليمي تي تجربا ڪندڙ  ٻڌائن ته هنن ميوون جا وڻ/ٻوٽا فطرتن ڪهڙن مهينن ۾ نيون پاڙون ڪڍن ٿا؟

زرعي توسيع کاتي ۾ جيڪي آفيسر ڪم ڪن ٿا انهن وٽ تمام وسيع معلومات آھي، ٻيا آفيسر صرف ڏينهن پورو ڪرڻ ۾ پورا آھن. زرعي توسيع کاتي جا ڊويزنل ڊائريڪٽر ٽپالي وارو ڪم ڪن ٿا، هڪ ڊويزنل ڊائريڪٽر صرف مٿان جون هدايتون هيٺ ٿو پهچائي ۽ هيٺين جو جواب مٿي جڏهن ته سندس ڪم تمام وڏو آھي پر پاڻ کي محدود ڪري ويٺا آھن.ڪجھه سنڌ ليول جي ڊائريڪٽرن جو مثال ڏيان ٿو جنهن ۾ ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل به ساڳيو ڪم ڪري پيو. مطلب ته ساڳيو ٽپالي وارو ڪم ، نه ته ٽيڪنيڪل لفظ جي معني وسيع آھي انهيءَ لحاظ سان هن جو ڪم به تمام وسيع آھي، جيئن ته هو مڪمل فصلن بابت ڄاڻ رکندڙ ھجي، هن کي الف کان ب تائين زرعي دوائن جيتن ۽ فصلن کي لڳندڙ بيمارين جي معلومات سان گڏ انهن جو حل برزبان ياد هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪير تڪليف ڪري ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل کان سوال ڪري ته مان سمجهان ٿو ان کي ڪجهھ به سمجهھ ۾ نه ايندو.

ائين ڊائريڪٽر پلانٽ پروٽيڪشن صرف ڪمپنين جي رجسٽريشن ۽ سيمپل کڻڻ تائين محدود آھي نه ته لفظ پلانٽ پروٽيڪشن جو مقصد وسيع آھي، سندس پوسٽ جو ڪم رجسٽرڊ ڪمپنين جي پراڊڪٽ جا فصلن تي رزلٽ چڪاس ڪرڻ آهي ڇو ته جيت ۽ بيماريون وقت گذرڻ سان ۽ لاڳيتو ساڳيو زهر لڳڻ ڪري پاڻ ۾ قوت مدافعت پيدا ڪري ويندا/وينديون آھن.

مونکي چٽي نموني ياد آھي 2020-21 ۾ اتر سنڌ ۾ ڪپهھ جي فصل تي اڇي مک کي ڪو به زهر ماري نه پئي سگهيو، جنهن جي ڪري آبادگارن جو فصل ڪارو ٿي ويو ۽ پيداوار نه هجڻ جي برابر آئي ۽ آبادگار نقصان ۾ ويا پر ڊائريڪٽر پلانٽ پروٽيڪشن ان معاملي تي هڪ به ميٽنگ نه گهرائي هوندي ۽ نه پاڻ فزيڪلي فيلڊ ۾ وڃي چڪاس ڪئي ته آخر معاملو ڇا آھي. آئون انسانن جو ڊاڪٽر آھيان ۽ ميڊيسن جي ڪيميسٽري پڙھي آھي جنهن لاء دنيا جا مڃيل ماهر سائنسدان چون ٿا ته ڪا به ميڊيسن 10 سالن تائين نتيجا ڏئي سگهي ٿي ان کان بعد ان خلاف جراثيم قوت مدافعت پيدا ڪري وٺن ٿا.

ايئن مارچ اپريل 2024 ۾ انب جي مهلي جو مسئلو پوري سنڌ ۾ انب جي آبادگارن لاءِ رهيو. اڳتي به وڏو مسئلو رهندو. اڳتي هلون ٿا ته ڊائريڪٽر ميجر ڪراپس به آفيس ۾ ويهي فصلن جو ٽارگيٽ جاري ڪري ٿو ان سان گڏ پوکائي ۽ هارويسٽ جي رپورٽ وٺي پاڻ کي آجو قرار ڏئي ٿو۔ ڊائريڪٽر ميجر ڪراپس سارين ۽ ڪپهھ جي علائقن کي سارين ۽ ڪپھه جي پوکائي جو ٽارگيٽ ڏيندو آھي جنهن کي ضلع عملدار پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، افسوس سان ڪڻڪ جي پوکائي جو ٽارگيٽ پوري سنڌ جي ضلعن کي تمام ٿورو ٽارگيٽ ڏنو وڃي ٿو ۽ ساڳيا انگ اکر اسلام آباد موڪلي ٿا ڇڏين. نه وري ڪڏهن ڪڻڪ جي پوکائي جي انگ اکرن تي  ڪنهن ڊائريڪٽر جنرل يا سيڪريٽري زراعت يا وزير پڇاڻو ڪيو هوندو. ڊائريڪٽر ميجر ڪراپس ڪڏهن به ڪنهن به ضلعي جي جاگرافي جي ڄاڻ رکڻ ضروري ناهي سمجهي، انهيءَ ڪري صاحب کي خبر به نه هوندي ته ڪهڙي ضلعي ۾ ڪڻڪ ڪيتري پوکائي ٿئي ٿي۔ وڌيڪ عرض ته فصلن جي ٽارگيٽ سان ڀاڻ جون ڪمپنيون هرهڪ ضلعي کي يوريا ۽ ڊي اي پي جي ورهاست ڪنديون آھن، ڊائريڪٽر ميجر ڪراپس طرفان موڪليل غلط انگ اکرن جي ڪري يوريا جو بحران پيدا ٿئي ٿو ته ٻئي پاسي ساڳيا انگ اکر اسلام آباد موڪلڻ سان ڇرڪائيندڙ مسئلا پيدا ٿين ٿا، ان جو مثال هي آھي ته اسلام آباد وارا في ايڪڙ سراسري پيداوار جا انگ اکر لکي پوري ملڪ جي ڪڻڪ جي پيداوار جا اندازن تي انگ اکر جوڙن ٿا جن کي ڪل آبادي جي ضرورت سان ونڊ ڪري حساب لڳائن ٿا ته ڪڻڪ جي پيداوار ضرورت جيتري آھي يا نه، ان کان بعد اڳواٽ ٻين ملڪن کان ڪڻڪ جي خريداري جو آڊر ڏئي ٿا ڇڏين ٿا جنهن سان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي موجودگي جو بحران پيدا ٿئي ٿو.

بحران ڇو نه پيدا ٿئي جڏهن ته لکت وارن انگ اکرن کان ڪڻڪ جي پوکائي ڪشمور جي ڪچي کان ڪيٽي بندر جي ڪچي جي علائقي ۾ وڌيڪ هوندي آھي جنهن جو سڌو نقصان آبادگارن کي ٿئي ٿو. انهي بنياد تي مان چوندس ته ڪير به پنهنجو ڪم صحيح نه ٿا ڪري جنهن سان آبادگارن کي نقصان ٿئي ٿو، جڏهن هڪ طبقي کي لاڳيتو نقصان ٿيندو ته پوءِ زراعت ترقي ڪيئن ڪندي؟ ڇا توهان سبسڊيڊي يا هاري ڪارڊ ڏئي آبادگارن کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ٿا يا هي زمينيون ٻين کي ڏيڻ لاءِ پلان پيا جوڙيو؟

واٽر مئنيجمينٽ جا ماهر صرف واٽر ڪورس تائين محدود آھن جڏهن ته پاڻي في ايڪڙ ورهاست، روينيو ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن جي وس ۾ آھي، جن کي وري اها به خبر ناهي ته واٽر ڪورس ۾ پاڻي ڪيتري رفتار سان هلي ٿو، پر هو منٽن جي حساب سان ورهاست ڪن ٿا.زرعي ريسرچ جا ماهر جنهن به فصل تي تجربا ڪن پيا ان تي به اڻپوري معلومات رکن ٿا. جيڪڏهن زرعي ريسرچ جا ماهر ناراض نه ٿين ته صرف کجي، انب، ڪيلو ۽ ليمي تي تجربا ڪندڙ  ٻڌائن ته هنن ميوون جا وڻ/ٻوٽا فطرتن ڪهڙن مهينن ۾ نيون پاڙون ڪڍن ٿا؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.