مشتاق مھر جي جي نئين ڇپيل شاعريءَ جي ڪتاب "اسين منصور جا نعرا” جو اڀياس

تحرير: محمد علي پٺاڻ

جيئن ڪويل جو سُرَ فضا ۾ ڦھليو، ته سازُ تڙپي ان سان ٻيلھ ٿيو ۽ پوءِ شاعريءَ جو جوڙ ان سان جُڙي بيٺو. ڇيرِ ڇمڪو ڪري، جسم کي بيخود بڻائي جُهمرِ کي جاءِ ڏني. ديدَ مََڌُ ماتي ٿي پئي. دل ڌڙڪڻ جو نئون دَڳُ ورتو. سمنڊَ مدھوش ٿي ڇولين جي ھڪٻئي مٿان پلٽُ پلٽان ڪئي ۽ ڌرتيءَ چانڊوڪيءَ جي آبشارن مان مُنھُن ڌوئي اھڙو اوجر ورتو، جنھن ڪائنات جي مَھانتا کي آسمان جون وسعتون بخشي ڇڏيون.

ان مان ئي ماڻهوءَ کي ماڻهپي جو سنديشُ مليو ۽ دنيا رھڻ جي قابل بڻي. وقت سيڪنڊن جي ڪڙيءَ کي ڪڙيءَ سان ملائي صدين جي سفر جي سلسلي کي سئولو ڪرڻ جو سندرو ٻڌو.ائين جُڳن جا جُڳَ لتاڙي سُرَ، سازَ ۽ شاعريءَ جي پوتاميل ايڪويھين صديءَ جي پيشانيءَ تي اچي پيرَ ڌريا. ھزارين، لکين نالن کي نشانبر ڪيو. جن مان پروفيسر مشتاق مھر به ھڪ آھي. جنھن جي شاعريءَ جي ڪتاب جو مُھاڳ لکڻ لاءِ مان پنھنجي ادبي ٽيبل تي خيالن جي ھوائن مان انڊلٺ جا رنگ يڪجاءِ ڪري ڄمي ويٺل آھيان.

پروفيسر مشتاق مھر، جيڪو لفظن جو وينجهار ته آهي ئي، پر شاعريءَ جي ڪُنَنِ مان ان جي پڙھندڙن کي جُهومائي پارِ اُڪارڻ جا گُرَ پيچَ ڄاڻندڙ ۽ وڏي نظر وارو ناکُئو به آهي. جنھن کي ڀليءَ ڀِتِ اِھا خبر آهي، ته شاعري قافين ۽ رديفن جي راندِ ناھي. اُھا انهن سان فِڪِرَ جا ڪيئي گلستان به آهي. جن سان ئي شاعر پنھنجي سُڃاڻپ ڪرائي سِتارنَ جي روشنيءَ کي مَڌُمِ ڪري چنڊُ بڻبو آهي.سائينءَ جي شاعريءَ جي گلستان ۾ پيرَ ڌَريندي منھنجي اڳيان ھن جون ڪيتريون ئي سِٽون پنھنجيون انوکيون خوشبويون کڻي ڀئونرن جيان ڀِرندي نظر آيون. جن مان نظر جڏهن ھنن تي مرڪوز ٿي ته:

اچي ڀئونر تنھنجي سلامي ڀريندا،

رڳو رخ تان پردو ھَٽائي ته ڏِسَ تون!

کن لاءِ ڄڻ پيرن ۾ ڏاوَڻ پئجي ويا ۽ زبان ازخود "واھ… واھ…” جي وِردَ ۾ مشغول ٿي وئي.

ڇو ته جنھن شاعراڻي نفاست ۽ نزاڪت سان سونھَن تان پردو ھٽائڻ جي دير جو ڄاڻايو ويو آهي ۽ ڀئونرن جو ان ئي کَنَ ۾ ڊوڙون ڀري مڌ مست ٿي اچي سلامي ڀرڻ واري عمل ۽ خيال کي عيان ڪيو ويو آهي، اُھو عام رواجي نه، پر انتھائي غير معمولي آهي. جنھن کي رڳو اھي ئي محسوس ڪري سگهن ٿا، جيڪي عاشقاڻي مزاج سان سرشار ھُجن ٿا.

عشق ۽ پيارَ جي نازڪ جذبن جي بي انتھا نفاست سان اپٽار سان گڏ لازمي آهي ته شاعر پنھنجي ماحول ۽ معاشري تي به گَھِري نظر رکي ۽ حق ۽ سچ جي راهه جو پانڌيئڙو ٿي، جتي ڪا اوڻائي ۽ نا انصافي ڏسي، اُتي روشن خياليءَ جو مظاهرو ڪندي قلم کان ترار جو ڪم وٺي. جيڪڏهن ھو ائين نه ٿو ڪري ۽ ڄاڻندي به پاڻ کي اڻڄاڻ بڻائي غفلت جي غلاف ۾ مُنھُن ويڙهي اونداھن پيچرن تي مَنَ ۽ تَنَ کي گِھِلي پنھنجي دور مان گذري ٿو، ته رھندڙ دنيا تائين ملامتن جي پٿرن جي وسڪاري واري زَدَ ۾ ٿو رھي.

ان ڳالهه کان پروفيسر مشتاق مھر صاحب بخوبي واقف آهي. تڏهن ته سَچَ جي مَچَ مٿان پتنگ وانگر ڦيرا ڏيندي چوي ٿو ته :

 

رَئيسن، نوابن مان ڇا فائدو

غريبن کي خانن مان ڇا فائدو

 

عَدل آھي جن وَٽ، نه اِنسانيت

اُنھن حُڪمرانن مان ڇا فائدو

 

ٻُڌايو ته دولت مَندن جي جُڙيل

مُعاشي نِظامن مان ڇا فائدو

 

ھُجن جيڪي مَنزل کان اَڻڄاڻ خود

اُنھن رَھنمائن مان ڇا فائدو

 

مَلاح آ اُھو، جيڪو جاڳيل ھُجي

سُتل ڪشتيبانن مان ڇا فائدو

 

حقيقي خدا ئي، آ حاجت رَوا

زَميني خدائن مان ڇا فائدو

 

ھر گهر لاءِ اڱڻ جو ھُجڻ انڪري به ضروري آهي، ته ان مان نه رڳو تازي ھوا جو گذر ٿِئي ٿو، پر سج جي روشني ۽ چانڊوڪيءَ جو پڻ ان سان ساھَ پَساھَ جو ناتو رھي ٿو. گڏوگڏ مينھَن ڦڙين ۽ تيز تر وسڪارن جو به سِڌو  سنئون واھپو ھوندو آھي. جن سان زندگي ڌوپي، جرڪي پوندي آهي.

اھڙي طرح ساڳئي ھنڌ تي ڪنھن وڻ جو ھجڻ سونَ تي سُھاڳو ڀاسندو آهي. جنھن جي لامن تي پکي پکڻ ويھي جڏهن طرح طرح جون لاتيون لنوندا آھن، ته وايو منڊل وڌيڪ سُھاڻو ٿي پوندو آهي ۽ جيئڻ تي دل اُڇلون ڏئي ھِرِکندي آهي. پر جي اڱڻ نه ھوندو آھي ۽  چئوطرف ديوارون ئي ديوارون ھونديون آهن، ته زندگيءَ جو ساھُ مُٺِ ۾ ھجڻ جو احساس ڪنڊي وانگر موت جي گهڙيءَ تائين پيو چُڀندو آهي. ان ڏکوئيندڙ منظرنامي کي پروفيسر مشتاق مھر قيدخاني سان مُشابھت ڏيڻ ۾ حقيقت پسنديءَ جو مظاهرو ڪري ٿو. تڏهن ته ھھڙي قسم جو تخيل اسان جي اکين اڳيان اُڀاري پنھنجي جمالياتي حِسَ جو اسان کي به طرفدار بڻائي ٿو. جنھن سان ھڪ فيصد ڪنھن اختلاف جي گنجائش جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿِئي. ويتر حيرانگي ٿِئي ته ان وسيع ۽ وشال تصوير کي، تصور جي صورت ۾ سمائي، شعر جي ٻن بنھين ٿورن لفظن وارين سِٽن ۾ ھيئن، ڪيئن اجاڳر ڪيو اٿائين. ڏسو ته سهي:

 

نه آ ڪنھن ڀي گَھر ۾ جي وڻ ۽ پَڌر

سو آ جيل خانو، نه چَئو اُن کي گَھر

 

انسان اُھو، جيڪو پنھنجي لاءِ ته مُھذب ٿي ۽ باوقار انداز اپنائي جيئي، پر ان سان گڏوگڏ ڪھڪاءَ ۽ خدا ترسيءَ وارن اعليٰ گُڻن کي حياتي گذارڻ جو منشور بڻائي نه صرف پاڻ جھڙن انسانن لاءِ، انهن جو ڀلو سوچيندي، سندن ڏکن ڏاکڙن ۾ ڀرجهلو بڻجي زندگي گذارڻ جي راھَ تي گامزن ھُجي، پر خدا جي خلقيل ٻي مخلوق لاءِ به ساڳئي ئي رحمدليءَ واري جذبي جو مانُ مٿانهون ڪندڙ ٿي ڌرتيءَ تي پيرَ ڌَري ھلي. مشتاق صاحب اھڙن انسانن کي ئي اَمَرُ ھجڻ جو مستحق قرار ٿو ڏئي ۽ مٿئين غزل جي آخري بند ۾ ان پيغام کي ھر عام ۽ خاص ۾ پکيڙي پنھنجي انسان دوست ھُجڻ جو ثبوت ٿو پيش ڪري. چوي ٿو :

 

ٻين لاءِ جيڪو ٿو زندھ رھي

اُھو شخص مشتاق! آھي امر

 

غرور ۽ ھَٺُ دنيا جي گولي تي جنھن به ماڻهوءَ ۾ موجود ھوندو آھي، اھو پاڻ جھڙن جي ھُجومن ۾ نه ڪنھن جو دوست بڻجي سگهندو آهي، نه ئي وري ڪو ڀلجي به ان سان دوستيءَ جي سنگَ ۾ رلجي ھلندو آهي. ويندي اُھو پنھنجي گهَرَ ڀاتين ۽ ويجهن رشتن ۾ به ناپسنديده ليکيو ويندو آهي. انڪري مشتاق مھر صاحب مَتِ موڙھيل ماڻهن جي نَفِي ڪندي انڪساريءَ کي بزدليءَ جي زمري ۾  آڻڻ کان انڪاري آهي ۽ ھر ماڻھوءَ ۾ عاجزي  ڏسڻ جو خواهشمند آهي ۽ ڄڻ ته "نِمِي کِمِي نِھارڻ” واري لطيفي فڪر جي پوئلڳي ڪندي انسانيت جي پاسداري ڪري ٿو ۽ ان جي شان جو بول بالا ڪرڻ جو رستو ٻڌائيندي اھو علي الاعلان واضع ڪري ٿو ته :

 

اِنڪساري بُزدلي ھرگز نه آ

پنھنجي اندر عاجزي پيدا ڪريو

 

اُھا گهڙي شاعر لاءِ اذيتناڪ ۽ تمام گهڻي تڪليف واري ھوندي آھي، جڏهن ھن جو محبوب يا انتھائي پرين پيارو سندس دل جي مرضيءَ جي ابتڙ کانئس پري ھوندو آھي. اھڙي ڪيفيت کي مشتاق مھر صاحب ھنن لفظن جي ويس ۾ ظاهر ڪيو آهي ته :

 

ھِير به تو بِن جِھير وجھي ٿي

جُھڙ ڦُڙ آڳ لڳائي آھي

 

غزل جي ھن ھڪ بند ۾ غور ڪيو ته شاعر پنھنجي اظھار ۾ ٻن نه سَھڻ جھڙين حالتن ۾ ھجڻ وارن ڪنھن به شاعر جي شاعريءَ ۾ اڳ استعمال نه ٿيل ۽ بنھين نَوَنِ نڪورن استعارن کي پڙھندڙن آڏو پڌرو ڪيو آهي؛ ھڪ "ھيرَ جو جهيرَ وجهڻ” ۽ ٻيو "جهڙ ڦڙ جو آڳ لڳائڻ”. جيڪي ھن جي شاعراڻي موھيندڙ فِڪِرِي سفر جا گهڻا گهڻا سُھڻا حوالا آھن.

ائين اسان جي ھن ھر دل عزيز شاعر مشتاق مھر صاحب جي ھن شعري مجموعي ۾ "انالحق” جو نعرو به پنھنجي آواز جي اُڀَ کي ڇُھي ٿو، ته منصوري صدائون به پنھنجي شاعراڻي آرٽ سان واڄٽ وڄائيندي ڪنن ۾ گونجنديون، رمزن جا تالا کولينديون رھن ٿيون، گڏوگڏ سوريءَ جي سونھن جون واکاڻون به ھن عزم جا ڏيئا ٻارينديون ۽ ھر ڏِسا روشنيون پکيڙينديون رھن ٿيون ته :

 

ڪڏهن سونھن سوريءَ جي گهَٽِ ڪين ٿيندي،

ٿين روز پيدا ٿا منصور سائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.