غزا/بيروت (م ڊ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جي ٻن فضائي حملن ۾ 13 ٻارن سميت 30 فلسطيني شهيد ٿي ويا. صبح جي وقت اتر غزا جي علائقي جباليا ويجهو گهر تي حملو ڪيو ويو ٻيو حملو غزا سٽي ۾ صابرا جي علائقي ۾ گهر تي ڪيو ويو. گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته اتر غزا ۾ انسانن جو مڙهيل ڏڪار جو خطرو آهي، غزا جي ڪمال عدوان اسپتال جي سربراهه ٻيهر اتر غزا جو گهيرو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي الزام هنيو ته اسرائيل علائقي کي تباهه ڪرڻ جي جنگ ڪري رهيو آهي. اسرائيل طرفان لبنان تي هوائي حملن ۾ وڌيڪ 31 شهري شهيد ٿي ويا. ٻئي پاسي قطر اسرائيل ۽ فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس وچ ۾ ٽياڪڙي جون پنهنجون ڪوششون عارضي روڪي ڇڏيون. قطر موجب جڏهن حماس ڳالهين لاءِ راضپو ڏيکاريندي ته ڪم ٻيهر شروع ڪنداسين.