سنڌ پوليس پي ٽي آءِ خلاف انتقامي ڪارروايون پئي ڪري:حليم عادل

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان تحريڪ انصاف  جي اڳواڻن حليم عادل شيخ، ڊاڪٽر مسرور سيال، راجا اظهر ڪراچي پريس  ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ عوامي انقلاب جي ضرورت آهي عمران خان جي هدايت جو انتظار آهي پنهنجي جسم تي ڪفن پائي نڪرنداسين. اسان ملڪ دشمن ناهيون محب وطن پاڪستاني آهيون پر پي ٽي آءِ جي صوابي جلسي ۾ شرڪت لاءِ روانا ٿياسين ته پوليس اٽالن سهراب ڳوٺ وٽ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو. هنن چيو ته سنڌ پوليس پنهنجو قبلو درست ڪري، سنڌ پوليس کي ڪنهن اجازت ڏني آهي ته هو ڪنهن کي گارگند ڪري، ڪراچي ڊويزن جي صدر راجا اظهر سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو اهو دنيا ڏٺو، باني پي ٽي آءِ قوم لاءِ جيل ڪاٽي رهيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾جلسي جي اجازت نٿي ڏني وڃي، سنڌ حڪومت جيڪڏهن سڀاڻي تائين اجازت نه ڏني ته پوءِ اسان عوامي عدالت لڳائينداسين، ملڪ م قانوني جي حڪمراني قائم ڪئي وڃي ۽ اليڪشن ۾ پي ٽي آئي جو مينڊيٽ واپس ڏنو وڃي. جمهوريت جي آڙ ۾ پ پ آمريت وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، پي ٽي آئي جو ڪارڪن روڊ تي جهنڊو کڻي نڪري ٿو ته ان کي گرفتار پيو پيو وڃي، ملڪ م قانون جو ٻٽو معيار قائم ڪيو آهي. هنن چيو ته هو ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي پرزور مذمت ڪن ٿا ، بيگناھ پاڪستانين کي دهشتگرد نشانو بڻائي رهيا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.