ڊونلڊ ٽرمپ جو آسرو!

تحرير: رياض ابڙو 

سياست جو سج لهي نه ٿو، پر ادارن جي غلط پاليسين جي ڪري سياسي ڪيريئر تباھي جي ڪناري تي پڄن ضرور ٿا، سياسي مهم بازيءَ ۾ ڪجهھ ٻاڙائي اچي ٿي وڃي ڇو ته خلق سمجهي ٿي ته شهبازشريف جي هوندي عمران خان ڪڏهن به پختي سياست نه ڪري سگهندو، اتي اسٽبلشمينٽ جي اها به چالاڪي آهي ته اهي هڪ کي جيل ۾ ٿا رکن ته ٻئي کي ريل ۾ ۽ ائين خلاق به ماٺي ٿي ٿي وڃي ۽ هڪٻئي کي سياست ڪرڻ جو موقعو به فراهم ڪن ٿا ته اهي هڪٻئي جي غلط پاليسين تي چٿر به ڪري سگهن ۽ سممجهن ته واعي ئي شهبازشريف جي سرڪار غلط آهي ۽ عمران خان مڙئي صحيح هيو يا ماضي جي هر حڪومت صحيح هوندي آهي ۽ ايندڙ هر حڪومت ويندڙ سرڪار کان ڀلي هوندي آهي ان ڪري اها ڳالھه به ڪير طئي ڪري ته ڪير صحيح آهي ۽ ڪير غلط آهي.

ساڳي ڳالھه  يا نريٽو پي ٽي آءِ جي دور ۾ به هيو ته نوازشريف سميت انهن جي سموري ڪٽنب جا ماڻهو (سياستدان) نااهل ٿي ويندا ۽ ڪو به سياست ڪرڻ جي لائق نه رهندو، ان ڪري ته پناماليڪس ۾ نوازشريف تي جڏهن ڪوڙ ثابت ٿيو ته ان تي پابندي لڳي وئي هئي ۽ ڪورٽ 6 جولاءِ 2018 تي کيس 10 سالن لاءِ نااهل ڪري ڇڏيو هيو ۽ ائين لڳندو هيو ته نوازشريف وري سياست نه ڪري سگهندو، پر ڪورٽ وري کيس 21 اڪٽوبر 2023 تي وري 10 سال سزا معاف ڪري وري سياست ۾ بحال ڪري ڇڏيو پر سياسي وٺ وٺان جي ڪري اسٽبلشمينٽ هن کي وزيراعظم ٿين نه ڏيو پر ان کان اڳ مشرف جي دور ۾ جلاوطني ڪاٽڻ کانپوءِ هي وري 2011 ۾ وطن واپس آيو ۽ 2013 ۾ ٽيون ڀيرو وزيراعظم به ٿي ويو، پر اسٽبلشمينٽ ۽ مالڪن جي شديد اصرار تي اهو ان ڳالهھ تي آماده ٿيو ته چوٿون ڀيرو وزيراعظم نه ٿيندو.

5 نومبر تي ٽڪ ٽاڪ تي ڪيترن ئي ماڻهن ڊونلڊ ٽرمپ جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هو آمريڪي اليڪشن کٽڻ شرط عمران خان کي جيل مان ڪڍڻ جي ڳالھه ٿو ڪري. پر وڊيو ڪلپ ڊب ٿيل آهي، ۽ 2017 جي رڪارڊ ڪيل آهي. ڪلپ ۾ ٽرمپ کي اهو چوڻ ٻڌي سگهجي ٿو ته "هيلو، منهنجا پاڪستاني ۽ آمريڪي دوست مان واعدو ٿو ڪيان ته جيڪڏهن مان کٽي آيم ته عمران خان کي تڪڙو جيل مان ڪڍڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندم، خان منهنجو دوست آهي، مون کي هن سان پيار آهي، مان هن جي حمايت ڪندس ته هو ٻيهر حڪومت سنڀالي ۽ اسان گڏجي ڪم ڪنداسين ڇو ته لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عمران خان ضروري آهي ۽ عمران خان زنده باد، وڊيو کي 2.4 ملين ڏٺو ويو آهي ۽ 19,300 ڀيرا شيئر ڪيو ويو آهي. پر وڊيو ڪلپ جي تحقيق ٿيڻ گهرجي، ڇو ته آڊيو ۽ ٽرمپ جي چپن جي حرڪت ۾ تفاوت محسوس ڪري سگهجي ٿو، اصل ۾ 12 مئي 2017 تي NBC نيوز جي يوٽيوب چينل تي آيل انٽرويو جنهن ۾ ”ليسٽر هولٽ“ سان ڊونلڊ ٽرمپ جو خاص انٽرويو ڪندو آهي، يوٽيوب وڊيو ۾ ٽرمپ انٽرويو وٺندڙ کي ايف بي آءِ ڊائريڪٽر جيمس ڪومي کي برطرف ڪرڻ جي پنهنجي عمل جو جواز پيش ڪري رهيو هوندو آهي. مارچ 2024 کان ساڳئي ڊب ٿيل وڊيو جون ڪجھه ڪلپون پڻ حاصل ڪري سگهجن ٿيون، انهي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اهو پهريون ڀيرو ناهي ته ڊب ڪيل ڪلپ وائرل ڪئي وئي هجي.

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي زلفي بخاري آمريڪي چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس ٽيم سان عمران خان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. عمران جي ويجهي ساٿي زلفي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته آهي ته هو ٽرمپ سان ۽ ان جي گهرڀاتين سان پڻ رابطي ۾ آهي، جنهن ۾ سندس ڌيءَ ايوانڪا ۽ ناٺي جيرڊ ڪشنر سان به هن ملاقاتون ڪيون آهن. ٽرمپ جي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ نه رڳو عمران خان جي قانوني صورتحال پر پاڪستان ۾ انساني حقن، جمهوري قدرن ۽ قانون جي حڪمراني جي حوالي سان وسيع مسئلن کي به حل ڪرڻ جو ڪوشش ڪندو. زلفي ۽ ٽرمپ ان اڳ به خان جي جيل ۾ هجڻ تي قانوني خدشا ظاهر ڪري چڪو آهي، پي ٽي آءِ جي گهربل مقصدن کي لاءِ ممڪنا طور تي حاصل ڪرڻ جي لاءِ زلفي سياسي اتحاد جو اشارو به ڏنو آهي. ان کان علاوه زلفي ٽرمپ کي سندس تازي صدارتي فتح تي مبارڪباد ڏني آهي، جنهن ۾ هن ٽرمپ جي جيت کي جمهوريت جي فتح قرار ڏنو آهي. هن پي ٽي آءِ طرفان ٽرمپ ۽ جي ڊي وينس کي به مبارڪون ڏنيون آهن، رڪاوٽن جي باوجود هن ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪامياب واپسي کي ساراهيو آهي. زلفي موجب ٽرمپ جي فتح خطي جي سياسي ۽ معاشي استحڪام جو پيغام پڻ آهي. ان ڪري ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي دور ۾ جنگين کان نفرت ڪندو هيو، هن ”ٽيل اوَيَو“ کي اسرائيل جي گادي جو هنڌ ته قرار ڏنو هيو، پر ساڳي جاءِ تي عرب ملڪن کي ان ڳالهھ جي به تنبيھ ڪئي هئي ته اهي به اسرائيل سان سفارتي تعلقات بحال ڪن ۽ امپورٽس ايڪسپورٽس کي به هٿي ڏين جنهن ۾ مصر ۽ اماراتي سڀ کان اڳڀرا رهيا.

بچاءَ واري وزير خواجا آصف ان کان اڳ عمران خان جي آزادي لاءِ آمريڪا جي سهڪار جي امڪان تي شڪ جو اظهار ڪندي چيو هو ته آمريڪا ۾ به پاڪستان جهڙي طاقتور اسٽيبلشمينٽ موجود آهي. هڪ خانگي نيوز چينل سان ڳالهائيندي آصف زرداري پڻ تجويز ڏني هئي ته تازو ئي آمريڪي صدارت کٽيندڙ ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستاني اڳوڻي وزيراعظم جي آزادي لاءِ مداخلت ڪرڻ ممڪن ناهي. آصف زرداري جو چوڻ هيو ته پاڪستان جا آمريڪا سان لاڳاپا تعاون تي ٻڌل رهندا، جتي مفاد هڪجهڙا هوندا، پر پاڪستان تڪراري مسئلن تي ثابت قدم رهندو. هن خاص طور تي غزه، لبنان ۽ عراق ۾ جنگ بندي جي ضرورت تي زور ڏنو، ۽ نئين آمريڪي انتظاميا تي زور ڀريو آهي ته هو خطي ۾ تشدد کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي.  فسلطيني نسل ڪشي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ جنگ بندي حڪومت جي ترجيح هجڻ گهرجي، ان معاملي تي گڏيل قومن جي تنظيم ۽ هر فورم جي ڪوشش هوندي ته آهي ان ڳالهھ کي ڀليڪار ڪن. پاڪستان ۽ آمريڪا جي وسيع تر لاڳاپن تي تبصرو ڪندي آصف زرداري چيو هيو ته اسلام آباد پنهنجي اصولن تي سمجهوتو نه ڪندو ۽ ضرورت پوڻ تي ڪنهن به پرڏيهي دٻاءُ جي مزاحمت ڪندو. آمريڪي عملدارن هڪ مضبوط اسٽيبلشمينٽ جي اثر رسوخ جي ڪري امڪاني طور تي عمران خان جي آزاديءَ تي قومي مفادن کي اوليت ڏيندو، مطلب ته ڪنهن به صورت آمريڪا پاڪستان سان پنهنجي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي خطري ۾ نه وجهندو. ٽرمپ ڪيترو به نسل پرست ڇو نه هجي پر هن ڀيري به سدائين وانگي آمريڪا کي جنگين ۽ هٿيارن جي ڊوڙ کان پاسي تي رکندو، سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالھه ته هو وچ اوڀر سميت پاڪستان ۾ به رجيم چينج جي ڳالھه ڪندو، ڇو ته عمران خان سندس پسند جو کلاڙي آهي ۽ هو پنهنجي دور ۾ گهٽ ۾ گهٽ عمران خان کي ضمانت تي آزاد ڪرائيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.