خدارا! مَهانگائِي واري جِنَ کي قابُو ڪَرِيو

تحرير: اعجاز ممنائي

اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا ان معاشري جو هر ٽيون ماڻهو مهانگائي جو ماريل آهي هر فرد چاهي ٿو ته هن مهانگائي جي دور ۾ پنهنجي ڪمائڻ جا وسائل وڌايون پر وائيٽ ڪالر جي انا ۾ گهريل اڄ جي فرد لاءِ اهو ڪرڻ مشڪل آهي جو اسان ان سوچ ۾ رهجي وڃون ٿا ته ماڻهو ڇا چوندا. ان کان سرڪاري سطح تي ڪوبه چيڪ ۽ بيلنس نه هجڻ سبب جهنگ جو قانون ٺهيل نظر اچي ٿو ڇڙواڳي ايتري آهي جو ڪوبه غريب جي ڳالهه تي عمل ئي نه ٿو ڪري جيڪڏهن غريب ٿاڻي تي دانهن کڻي ٿو وڃي ته اتي به کانئس پنج روپيا وٺڻ بعد اين سي ڪن ٿا.انڪري غريب مهانگائيءَ  جي گهاڻي پيڙهبو رهي ٿو پر دانهن ڪرڻ به قاصر آهي.

تازو شماريات واري وفاقي بيورو طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ٻئي هفتي ۾ وڌي وئي ۽ 21 ضروري شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو جڏهن ته 10 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ٽماٽا، بصر ، ڪڪڙ، اٽو، دال، چڻا ۽ سگريٽ مهانگو ٿي ويو، آلو، انڊا، کنڊ، پيٽرول، باسمتي چانور، گجر سستا ٿي ويا. ملڪ ۾ هلندڙ هفتي مهانگائي جي شرح ۾ ٻئي هفتي 0.44 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ سالياني مهانگائي جي شرح به 13.80 سيڪڙو ٿي وئي آهي،

وفاقي شماريات بيورو پاران جاري ڪيل مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ موجب گذريل هفتي دوران روزاني استعمال جي 21 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ۽ 10 ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي جڏهن ته 20 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ان صورتحال کانپوءِ سوال پيدا ٿو ٿئي ته حڪومت مهانگائي کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ قدم ڇونه ٿي کڻي ۽ هر سال بجيٽ کان اڳ ۽ بجيٽ کانپوءِ شيون مهانگيون ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش اچي پئي جڏهن ته شين جي مهانگي ٿيڻ سان عام ماڻهوء تي جيترو اثر پوي ٿو شايد سرڪار کي خبر ناهي هن وقت پاڪستان ۾ بلند ترين مهانگائي هلي پئي غريب مسڪين ۽ ڏيهاڙيدار وڏي آزار ۽ عذاب جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن۔ جڏهن سرڪار کان مهانگائي جي سببن بابت پڇاڻو ڪجي ٿو ته چون ٿا اسان آءِ ايم ايف هٿان مجبور آهيو۔ انهن پاليسين عوام کي تباهه ۽ حڪمرانن کي امير کان امير تر ڪري ڇڏيو آهي۔ حڪمران اهو به چئي رهيا آهن ته ملڪ اندر جيڪا مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، اها آءِ ايم ايف جي پاليسين جي ڪري آهي ۽ سڄو عذاب عوام تي آءِ ايم ايف جي ڪري آهي، ته پوءِ هتي سوال آهي ته آءِ ايم ايف گذريل 60 سال کان پاڪستان کي قرض ڏيندو پيو اچي ۽ ٻيو ته ظاهر آهي آءِ ايم ايف سامراجي مفادن تحت هلي ٿو ۽ ان جي مفادن وٽان ڪم ڪري ٿو، پر آءِ ايم ايف جي موجودگي ۾ جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ خان، جنرل ضياءالحق، جنرل پرويز مشرف . ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، نواز شريف، شهباز شريف، آصف زرداري ۽ عمران خان ۽ انهن جا ساٿي وزير مشير ۽ ڇاڙتا سڀ کرب پيتي ڪيئن ٿي ويا. انهن سڀني پوري دنيا ۾ اربين رپين جا بنگلا ۽ فليٽ ڪٿان خريد ڪيا؟انهن جا سوئيز بئنڪ سميت ٻين عالمي بئنڪن ۾ اربين ڊالر ڪيئن جمع ٿي ويا؟ يعني آءِ ايم ايف جي ڪري عوام تباهه ڪناري پهچي چڪو آهي ۽ جڏهن ته حڪمران طبقو آئي ڏينهن وڌيڪ امير ڪيئن ٿي ويو؟

گذريل مهيني سنڌ حڪومت مهانگائي روڪڻ لاءِ آفيسرن کي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏئي ڇڏيا آهن ۽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو ته سمورا آفيسر ڊي سيز جي نگراني ۾ ڪم ڪندا، مهانگائي کي جانچڻ ڪمشنرن ۽ ڊي سيز جي ذميواري هوندي.سيڪشن آفيسر، ايڊيشنل ڊي سيز، اي سيز، ڊپٽي ڊائريڪٽرز آف زراعت وٽ مئجسٽريٽ جا اختيار هوندا، فوڊ ڪنٽرولرز، اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز آف ليبر، بيورو آف سپلائي آفيسرن کي به حڪومت طرفان بااختيار بڻايو ويو. انهن سمورن آفيسرن کي اختيار هوندا ته اهي کاڌ خوراڪ ۽ ٻين شين جا اگهه چيڪ ڪندا ۽ ڏنڊ لاڳو هڻندا پر پوري مهيني ۾ ڪابه چرپر نظر ناهي آئي. جنهن مان لڳي ٿو ته مهانگائيءَ  جو جن غريب کي کائي ختم ڪري ڇڏيندو ۽ اهي نوٽيفڪيشن رديءَ  جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلايا ويندا ۽ آفيسر پنهنجي خزاني کي ڀري غريبن کي اڃان وڌيڪ غربت جي گهاڻي ۾ پيڙهيندا رهندا۔حڪمرانن جي نااهليء سبب روزانو مني بجيٽون اچن ٿيون، ان آزار کان عوام کي بچائڻ جي ذميواري ڪنهنجي آهي. شين جا روزانه وڌندڙ اگهه ڏسي ڪير چوندو ته ملڪ ۾ عوام نالي به ڪا مخلوق ٿيندي آهي جنهن کي زنده رهڻ لاءِ کاڌ خوراڪ کپي، جنهن عوام کي اجهو، لٽو ۽ زندگيءَ جون بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر پنهنجي ملڪ ۾ چونڊيل ميمبر پنهنجا اڪائونٽ وڌائي ذميواري ادا ڪندا آهن، کين شايد اها به خبر ناهي ته سنڌ ۾ بدترين مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ اڪثريتي عوام سٽجي سوڙهو ٿي ويو آهي. روزمره جي عام واهپي جي شين جا اگهه ڏهوڻ تي وڌي ويا آهن، جڏهن ته عام ماڻهوءَ  جي آمدني ۾ هڪ روپيو به اضافو نه ٿيو آهي. اٽي جو ڪلو خريد ڪرڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي ته هو کنڊ، چانهه، ڀاڄي ڀتي ڪٿان خريد ڪري، مهانگائيءَ جي شرح ۾ جنهن تيزي سان اضافو ٿيو آهي، ان ۾ عام ماڻهو شديد مشڪلاتن ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته کيس گهر به هلائڻو آهي. سرڪار کي گهرجي ته هن شديد مهانگائيءَ تي ضابطو  آڻي ۽   عوام کي اذيت تڪليف ۽ مونجهارن مان ٻاهر ڪڍي ته جيئن غريب ٻن ويلن جي ماني سڪون سان کائي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.