سنڌ جو هڪ سينئر صحافي ۽ ليکڪ قاضي جاويد سنائي جيڪو هن وقت عراق ۽ ايران جي زيارتن تي ويل آهي انجي ايران جي شهر قم شريف مان دل ڏاريندڙ هڪ رپورٽ سماجي ويب سائيٽ ۽ ٽي وي تي آئي آهي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته شهيد بينظيرآباد نوشهروفيروز ٽنڊوالهيار ڪراچي ۽ ٻين ضلعن جا لڳ ڀڳ سٺ زائرين قم شريف جي هڪ مسجد اندر پناهه وٺي ويٺل آهن جو اهي خرچ پکو نه هجڻ ڪري بک تي آهن ۽ وٽن وطن ورڻ جي به سگهه ناهي جو وٽن واپسي جو خرچ به ناهي ۽ جيڪو ڪجهه وٽن هو اهو کپائي ڇڏيو اٿن. هن قافلي ۾ عورتون ٻار ۽ ٻڍا شامل آهن۔هنن ايران ۽ پاڪستان حڪومتن کي فوري واهر ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.هنن زائرين پوڻا ٻه لک في زائرين ڀريا آهن جڏهن ته باءِ روڊ عام خرچ هڪ لک ڏهه هزار في زائرين اچي ٿو۔اسانجو هي صحافي ڀاءُ قاضي جاويد سنائي به ساڳين متاثرين ۾ شامل آهي.
هي ڪو پهريون واقعو ناهي ان کان اڳ به اهڙا واقعا رپورٽ ٿيندا رهيا آهن پوءِ به پاڪستان سرڪار خاص ڪري سنڌ سرڪار اهڙن واقعن جو ڪو به نوٽيس ناهي ورتو جنهن ڪري پاڪستاني زائرين جي تذليل ۽ خواري ٿيندي رهي ٿي.قم وارو سانحو به ڪو معمولي ناهي جتي سٺ زائرين پئسو نه هجڻ سبب هڪ مسجد ۾ ترسيل آهن ۽ حڪومت اڃا تائين ڪنهن به قسم جو نوٽيس يا ڪارروائي ناهي ڪئي۔هنن متاثر زائرين جو چوڻ آهي ته سندن سالار جو ايران عراق جي ڪنهن به هوٽل يا ٽرانسپورٽ وارن جو اعتبار ڪونهي جنهنڪري هوٽل وارن کين هوٽل مان به بيدخل ڪيو ۽ هنن پاڻ ۾ ڦوڙي ڪري هوٽل ۽ ٽرانسپورٽ وارن جون رهتون ادا ڪيون جنهن کانپوءِ اهي اتي لاوارث مقيم آهن کين هفتو اڳ وطن واپس ورڻو هو پر اڃا سوڌو اهي قم ۾ آهن.
سنڌ جا اڪثر زائرين جيڪي گهڻو ڪري ٻهراڙي جا هوندا آهن اهڙي قسم جي ايجنٽن ۽ سالارن هٿان ڦربا لٽبا رهن ٿا جو انهن جو نه ڪو سدباب ٿئي ٿو نه وري غيرذميوار ايجنٽن خلاف ڪا ڪارروئي ٿئي ٿي۔هر سان لکن جي انگ ۾ زائرين سعودي عرب شام عراق ۽ ايران ويندا آهن جن جي اڪثريت ٺڳجو وڃي ٿي.احتساب نه ٿيڻ ڪري اهي ايجنٽ ۽ سالار زائرين کان وڌيڪ خرچ ۽ ڀاڙا وصول ڪن ٿا خاص ڪري جهازن جي ڀاڙي ۾ هو انصاف کان ڪم ناهن وٺندا۔هر شهر جي هر مک روڊ ۽ گهٽي ۾ دلالن جون ڊيڪوريٽ ٿيل ايئرڪنڊيشنڊ آفيسون قائم ٿيل منديون جن جي اڪثريت وٽ اميگريشن پاڪستان جا اجازت ناما به ناهن هوندا جو اهي ڪنهن پڪڙ ۾ اچن۔زيارت لاءِ کين هڪڙيون هوٽلون ٻڌائيندا بعد ۾ رش جو بهانو بڻائي گهٽ درجي وارين هوٽلن ۾ ترسائيندا ۽ کين وقت تي صحتمند کاڌو به مهيا نه ڪندا گهڻو ڪري پاڪستان مان پئڪ ٿيل کاڌو پاڻ سان گڏ کڻي وڃي زائرين کي کارائيندا آهن۔اهڙن ٽن پئڪ کاڌن جي ايئرپورٽن يا گذرگاهن وٽ جاچ به ناهي ٿيندي جو اتي مقرر عملي جا هٿ گرم ڪيا ويندا آهن۔ٻاهرين ملڪ سفر به ٽرينن بدران غيرمحفوظ بسن تي ڪرايو ويندو آهي ۽ رقم ٽرينن جي وصول ڪئي ويندي۔دوران مسافري يا اتي رهڻ جي ايجنٽ انهن جي ڪنهن به قسم جي سار سنڀال يا علاج طرف توجهه ناهن ڏيندا زائرين پنهنجو علاج پاڻ ڪرائين جڏهن ته وصول ٿيندڙ خرچ ۾ انشورنس به شامل هوندي آهي۔گهڻا ايجنٽ ۽ سالار ٻاهرين ملڪ پهچڻ بعد مهانگائي جو بهانو بڻائي زائرين کان واڌو خرچ به طلب ڪندا آهن جيڪو وچولي طبقي جي زائرين جي وس ۾ ناهي به هوندو.اڪثر ايجنٽ ۽ سالار ٻاهرين ملڪن ۾ پهچي هوٽلن ۽ ٽرانسپورٽ وارن کي ڪجهه رقم ڏئي باقي بعد ۾ ادا ڪرڻ جو چوندا آهن جڏهن واپس ناهن ڪندا ته سندن زائرين کي هوٽلن مان نيڪالي ڏني ويندي آهي ايجنٽ ۽ سالار لڪي ڀڄي وڃي جان بچائيندا آهن ۽ لوڙيندا وري زائرين آهن جيئن تازو قم وارو واقعو پيش آيو آهي. ضرورت ا ن ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ نوٽيس وٺي ته قم ۾ زائرين سان ايڏي وڏي زيادتي ڇو ٿي سالار ۽ ايجنٽ کين رڻ ۾ رولي ڇو ڀڄي ويڱ ويا هنن تي ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي ۽ واقع قرار سزا ملڻ گهرجي.ٻيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ سالارن ۽ ايجنٽن جي غيرقانوني لوڌ ختم ڪئي وڃي ۽ قانوني ايجنٽن کي آفيسون کولڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي.ڪنهن به قافلي وٺي وڃڻ کان اڳ ضلعي انتظاميا کي اطلاع ڪرڻ گهرجي ۽ زيارت تي ويندڙ هر زائر جي داخلا ٿيڻ گهرجي ۽ ايجنٽ کي ان ڳالهه جي يقين دهاني ڪرڻ گهرجي ته سندس زائر مسافري ۽ قيام دوران ڪنهن به تڪليف ۽ منفي روين کان محفوظ رهندو۔ڪو به ڏوهاري ذهنيت جو ماڻهو ضلعي انتظاميه جي اجازت بنا زيارت تي وڃي نه سگهندو ڇو جو اوائلي دور ۾ اهڙي قسم جي اجازت ضروري هئي.