ماسڪو(ويب ڊيسڪ) روسي صدر والاديمير پيوٽن ڪوئيٽا ۾ ريلوي اسٽيشن تي ٿيل آپگهاتي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
پنهنجي بيان ۾ روسي صدر والاديمير پيوٽن ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي ٿيل آپگهاتي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته ماسڪو اسلام آباد سان دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ سهڪار ڪندو.
روسي صدر وڌيڪ چيو ته وحشياڻي ڪارروائي ۾ ملوث عنصرن کي سندن ڏوهه جي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي آپگهاتي حملي ۾ 27 ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.
ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي جنازي نماز ڪوئيٽا ڇانوڻي ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سميت عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
You might also like