آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي شيڊيول ايونٽ ملتوي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي شيڊيول تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي جنهن سبب شيڊيول جو اعلان رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، شيڊيول وارو معاملو حل نه سگهيو جنهن سبب آءِ سي سي يارنهن نومبر تي رٿيل ايونٽ رد ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارت جي ميچن بابت فيصلو نه ٿيڻ سبب ايونٽ ختم ڪيو ويو، آءِ سي سي کي 11 نومبر تي لاهور ۾ باظابطا طور ٽورنامينٽ جي شيڊيول جو اعلان ڪرڻو هو.
لاڳاپيل اختيارين جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي جو شيڊيول اڃا تائين ڪنفرم ناهي ٿيو، شيڊيول بابت ميزبان ۽ ايونٽ ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن جي بورڊز سان مشاورت جاري آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، آءِ سي سي طرفان مشاورتي عمل بابت اڃا تائين ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
واضح رهي ته آءِ سي سي طرفان 11 نومبر تي ميگا ايونٽ ۾ باقي سئو ڏينهن جي حوالي سان هڪ تقريب رکي وئي هئي، جنهن ۾ ٽورنامينٽ جي شيڊيول جو اعلان به ٿيڻو هو.
ٻئي پاسي پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته اِهو ٽرافي ٽور جو فليگ آف ۽ ٽورنامينٽ برانڊنگ لانچ هئي، في الحال ايونٽ تي مشاورتي عمل جاري آهي، شايد اِهو ري شيڊيول ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.