ايشيا پيسيفڪ ڪلائميٽ رپورٽ موجب موسمياتي تبديلي سبب ايندڙ سالن ۾ پاڪستان سخت نقصانن کي منهن ڏئي سگهي ٿو.
رپورٽ موجب موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان 2070 تائين جي ڊي پي ۾ 21 سيڪڙو گهٽتائي کي منهن ڏئي سگهي ٿو، پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ نقصان زراعت جي شعبي ۾ ٿيڻ جو خطرو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2070 تائين چانور، مڪئي جي پيداوار ۾ تقريبن 40 سيڪڙو تائين گهٽتائي جو امڪان آهي، سويابين جي پيداوار ۾ 20 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جي پيداوا ۾ 45 سيڪڙو گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، مڇي جي ڪاروبار سان سلهاڙيل ماڻهو پيداوار ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي کي منهن ڏئي سگهن ٿا.
رپورٽ موجب موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان ۾ وڻن جي پيداوار ۾ 10 سيڪڙو تائين گهٽتائي جو امڪان آهي، گرمي ۾ واڌ سبب بجلي جي کپت ۾ 40 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان آهي.
You might also like