دبئي/لاهور(ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڀارت جي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان نه اچڻ واري فيصلي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، پي سي بي طرفان حڪومت سان رابطو ڪيو ويو ۽ ڀارت جي نه اچڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان ڀارت جي چيمپيئنز ٽرافي ۾ اچڻ کان انڪار تي سخت فيصلو وٺڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب،حڪومت غور ڪري رهي آهي ته جيڪڏهن ڀارت چيمپيئنز ٽرافي لاءِ نه ايندو ته پاڪستان به مستقبل ڀارت خلاف ڪا ميچ نه کيڏندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت غور ڪري رهي آهي ته جيستائين ڀارت سان لاڳاپا بهتر نه ٿيندا تيستائين ڀارت سان ڪنهن به ٽورنامينٽ ۾ ميچ نه کيڏي ويندي.
ذريعن موجب، حڪومت جو موقف آهي ته پاڪستان هميشه پنهنجي ٽيم ڀارت موڪلي سٺو تاثر ڏنو پر بي سي سي آءِ سدائين راند ۾ سياست کي شامل ڪندو رهيو آهي.
سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي تان هٿ نه کڻندو ،ڀارت نه ايندو ته خطرناڪ حد تائين وينداسين، اسٽيڊيم ٺهي رهيا آهن سيڪيورٽي سٺي آهي ڀارت وٽ پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جو جوڳو جواز ناهي.
ذريعن موجب، جيڪڏهن ڀارت نه آيو ته اسان کي نقصان ٿيندو، پر جيڪڏهن اسان ڀارت خلاف ميچ نه کيڏنداسين ته نقصان انهن جو به ٿيندو، پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي جي حوالي سان ڪو به ماڊل قبول نه ڪندو.
You might also like