وزيراعظم حڪومتي فيصلن تي عدالتي اسٽي آرڊرز جي رپورٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي فيصلن تي عدالتي اسٽي آرڊرز جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
حڪومتي فيصلن خلاف عدالتي منع نامي جي معاملي تي وزيراعظم آفيس طرفان سڀني سرڪاري ادارن، وزارتن ۽ ڊويزنز کي خط موڪليو ويو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته انهن ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، جن ۾ منع نامو جاري ٿئي 6 مهينا گذري چڪا آهن، ٻڌايو وڃي ته لاڳاپيل ادارن منع نامو ختم ڪرائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.