هانيا عامر پنهنجي شادي بابت مداحن کي آگاهه ڪري ڇڏيو

ٽورنٽو (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني جي من موهڻي اداڪارا هانيا عامر پنهنجي شادي بابت مداحن کي آگاهه ڪري ڇڏيو.
اداڪارا اڄڪلهه ڪئناڊا جي دوري تي آهي جتي سندس لاءِ مداحن طرفان هڪ خاص پورگرام جو اهتمام ڪيو ويو.
پروگرام ۾ مداحن پاران هانيا عامر کان مختلف سوال ڪيا ويا، شاديءَ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته في الحال سندس شاديءَ جو ڪو ارادو نه آهي.
اداڪارا پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته سادي ڇوڪري آهيان جڏهن به شادي ڪنديس سڀني کي ٻڌائينديس.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته سرحد تي لڳل بورڊ عوام کي هڪٻئي کان ڌار نٿا ڪري سگهن، اوهان جنهن کي دل سان چاهيو ٿا ان مٿان ڪو به پابندي نٿو مڙهي سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي دورا انڪري ڪندي آهيان جو جيڪي ماڻهو مون کي پسند ڪن ٿا انهن سان ملي سگهان ۽ پنهنجي چاهيندڙن سان ملي خوشي ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.