ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان گذريل ڏينهن ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل پورھيت اياز لاشاري جي بازيابي لاءِ مغوين جي وارثن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ لاشاري برادري پاران غوثپور انڊس ھاءِ وي ٺل باءِ پاس لڳ رڪاوٽون رکي احتجاجي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. انھيءِ موقعي تي لاشاري برادري جي ماڻھن ۽ مغوي جي وارثن چيو ته اسان جو ضلعو ڪشمور نه پر ھاڻي مقبوضا ڪشمير بڻجي ويو آهي، غريب مسڪين مزدور طبقو روز ڦرجي لٽجي ٿو ۽ ھاڻي تازو مزدوري ڪري گھر ھلائيندڙ اياز لاشاري کي ھٿياربند کڻي ويا آهن جنهن جي گھر ۾ روڄ لاڙو ۽ سوڳ جو ماحول پيدا ٿيل آهي، گھر جو گذرسفر ڪندڙ اغوا ٿي وڃي ته گھر ڪيئن ھلندو، اسين مجبورن روڊ تي ويٺل آھيون، ٻئي طرف ڊي ايس پي اچي پورھيت اياز لاشاري کي جلد بازياب ڪرائڻ جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطاريون لڳي ويون، جيڪي گاڏيون بعد ۾ سفر طرف روانيون ٿي ويون، مظاھرين مطالبو ڪيو ته اياز لاشاري کي بازياب ڪرائي امن امان قائم ڪرايو وڃي.