توشا خانا 2، عمران خان ۽ بشريٰ جي بريت بابت فيصلو محفوظ

راولپنڊي(م ڊ) توشا خانا 2 ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي بريت واري درخواستن تي دليل مڪمل ٿي ويا، جنهن بعد عدالت بريت جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 12 نومبر تي ٻڌايو ويندو، راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف توشه خانه 2 ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند ڪئي، ٻڌڻي دوران جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، واضح رهي ته عدت نڪاح ڪيس ۾  ضمانت ٿيڻ بعد 13 جولاءِ تي نيب عمران خان ۽ سندس گهرواري کي توشه خاني جي نئين ريفرنس ۾ گرفتار ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.