اسلام آباد (م ڊ) سپريم جڊيشل ڪائونسل ججن خلاف 10 شڪايتون اڻپوري مواد ۽ ثبوتن جي بنياد تي رد ڪري ڇڏيون. چيف جسٽس يحييٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ججن خلاف 10 شڪايتن جو جائزو ورتو ويو. پڌرائي ۾ چيو ويو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل اڻپوري مواد ۽ ثبوتن جي بنياد تي 10 شڪايتون رد ڪري ڇڏيون. سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جو به جائزو ورتو ويو ۽ ڪائونسل اجلاس ۾ ضابطا اخلاق ٺاهڻ بابت تجويزن تي به غور ڪيو ويو. سيڪريٽري سپريم جڊيشل ڪائونسل جي تجويز تي ضابطن جو مسودو ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ ڪائونسل چيف جسٽس يحييٰ آفريدي کي ٽن مهينن لاءِ ڪائونسل جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو اختيار پڻ ڏنو. پڌرائي موجب سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس هر مهيني ٿيندو.